شڪارپور: پوليس جو منشيات ۽ جوا جي اڏي تي ڇاپو، 8 ڄڻا گرفتار

0
232
حيدرآباد پوليس وڌيڪ

شڪارپور (ن پ ا) شڪارپور پوليس جي چڻنگي مقام جي منشيات ۽ جوا جي اڏي تي ڪاروائي دوران 8 ڄڻا گرفتار ڪيو ويو، ذريعن موجب گرفتار ٿيلن مان ٽن ڄڻن کي بااثرن جي مداخلت تي آزاد ڪيو ويو، پنجن ڄڻن مٿان ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب پوليس رات جو منشيات جي اڏي تي ڇاپي ۽ بااثر ڏوھارين کي گرفتار ڪرڻ بعد واقعو لڪائيندي رھي. پوليس موجب گرفتار جوابدارن جي قبضي مان تاس جا 52 پتا، 5000 روڪ رقم ۽ 5 عدد موبائل فون برآمد ٿيا.