ڪنڌرا (ن پ ا) ڪنڌرا باءِ پاس وٽ 15 ڏينهن اڳ هٿياربندن هٿان قتل ٿي ويل بادل جتوئي جي قتل ڪيس جي الزام هيٺ آيل شاهد جاگيراڻي پريس ڪلب ڪنڌرا پهچي صحافين جي موجودگي ۾ ايس ايچ او آڏو گرفتاري ڏئي ڇڏي آهي. ڪنڌرا پوليس فوري طور جوابدار کي سخت پوليس پهري هيٺ ٿاڻي تي منتقل ڪري ڇڏيو آهي. شاهد جاگيراڻي جي گرفتاري جو ٻڌي شهرين جو وڏو انگ ڏسڻ لاءِ پريس ڪلب پهتو. بادل جتوئي قتل ڪيس ۾ نامزد جوابدار شاهد جاگيراڻي چيو آهي ته منهنجي مٿان قتل جو الزام ڪوڙو آهي ڪنڌرا پوليس منهنجي والد ممتاز جاگيراڻي کي گرفتار ڪيو هو ۽ منهنجي اوطاق به ڊاهي پٽ ڪئي هئي جنهن بعد مون پاڻ پيش ٿي ڪري گرفتاري ڏني آهي، هن چيو ته جاگيراڻي جتوئي تڪرار جو فيصلو ٿيل آهي مان کيس قتل ناهي ڪيو، ڀلي جاچ ڪئي وڃي. ان موقعي تي ايس ايچ او ڪنڌرا ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ٿورائتو آهيان ڪنڌرا پريس ڪلب جي صحافين جو جن هن هاء پروفائيل بڻيل ڪيس ۾ قانون جو ساٿ ڏنو ۽ مون سان ڀرپور تعاون ڪيو.