ڪنڊيارو (ن پ ا) پ پ ايم پي اي سرفراز حسين شاهه ۽ تعلقا صدر غلام مرتضيٰ شاهه پاران ڪنڊيارو ٽائون ڪاميٽي جي 12 وارڊن لاءِ پنهنجي پينل جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي

اڳوڻي چيئرمين غلام مرتضيٰ شاهه ٻن وارڊن تي اليڪشن وڙھندو، پ پ اميدوارن ۾ غلام مرتضيٰ شاهه، اصغر قريشي، شوڪت قريشي، سليم اگرو ۽ ٻيا شامل آهن

پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي مرتضيٰ شاهه چيو ته اسان گذريل پنجن سالن ۾ رڪارڊ ترقياتي ڪم ڪرايا آھن، جنهن جو ثبوت هتان جا روڊ رستا ۽ گٽيون آھن

 هن چيو ته شھر واسين جي ڀرپور خدمت ڪئي آھي، چونڊن ۾ پ پ جي ڪاميابي يقيني آهي، هن چيو ته پ پ خلاف اڳ به ڪيترا ئي اتحاد ٺهيا آهن پر عوام کين شڪست ڏئي آهي