لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي جي چئن ٽائون ڪاميٽين، 20 يونين ڪاميٽين ۽ تعلقي جي يونين ڪائونسلن تي چيئرمين، وائيس چيئرمين، ميمبر ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ۽ ٻين سيٽن تي چونڊ وڙهندڙ 117 اميدوارن نامزدگي فارم جمع ڪرايا ۽ 17 اميدوارن طرفان نامزدگي فارم ورتا ويا آهن. لاڳاپيل رٽرننگ آفيسرن جي آفيسن مان گڏ ڪيل انگ اکرن موجب ٽائون ڪاميٽي ايمپائر لاءِ 18، ٽائون ڪاميٽي دڙي لاءِ 12،  ٽائون ڪاميٽي حيدري لاءِ 22 ۽ لاڙڪاڻو تعلقي لاءِ 65 اميدوارن پنهنجا نامزدگي فارم جمع ڪرايا جڏهن ته حيدري لاءِ 7 ۽ سچل ٽائون ڪميٽي لاءِ 10 اميدوارن نامزدگي فارم ورتا

 اليڪشن ڪميشن جي شيڊيول موجب نامزدگي فارم جمع ڪرائڻ جي اڄ آخري تاريخ آهي جنهن کان پوءِ نامزدگي فارمن جي ڇنڊڇاڻ جو سلسلو شروع ٿيندو. هوڏانهن سهيل انور سيال جي ٻن ڀائرن کي پارٽي ٽڪيٽون جاري ڪيون ويون آهن

ٻڌايو پيو وڃي ته سهيل انور سيال جي ڀاءُ طارق انور سيال کي ميمبر ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ۽ ٻئي ڀاءُ شاهه رخ سيال کي اهم ڪاروباري علائقي ريشم گلي واري يونين ڪاميٽي جي وائيس چيئرمين لاءِ پارٽي ٽڪيٽون جاري ڪيون ويون آهن

 ٻئي پاسي اڳوڻي ڊپٽي ميئر ايڊوڪيٽ انور لهر کي چيئرمين ۽ سندس ڀاءُ منور لهر کي وائيس چيئرمين لاءِ به ٽڪيٽون جاري ڪيون ويون آهن

 ان کان علاوه شهر جي شيخ زيد واري يونين ڪاميٽي لاءِ جميل احمد سومرو جي ويجهي ٺيڪيدار دوست شفيق چانڊيو کي به پارٽي ٽڪيٽ ڏني وئي آهي

 ذريعن موجب پيپلز پارٽي جي مقامي اڳواڻن طرفان پنهنجي مٽ مائٽن، دوستن ۽ ويجهي رهندڙ ماڻهن کي پارٽي ٽڪيٽ ڏيڻ جي معاملي تان شهر جي اڪثر يونين ڪاميٽين اندر پيپلز پارٽي جي عهديدارن ۾ اختلاف چوٽ چڙهي ويا آهن جن مڪاني ادارن جي چونڊن ۾ آزاد اميدوار طور حصو وٺڻ جو فيصلو پڻ ڪيو آهي جنهن سان پيپلز پارٽي جي شهر اندر پوزيشن ڪمزور ٿيڻ جا امڪان آهن جنهن ڪري ناراض اڳواڻن کي پرچائڻ لاءِ پيپلز پارٽي جي عهديدارن صلاح مشوري بابت انهن سان ملاقاتن جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو آهي