عمرڪوٽ (رپورٽ: الياس ٿري) عمرڪوٽ ضلعي ۾ مڪاني چونڊن جي حوالي سان سرگرميون عروج تي پھتل، پ پ قيادت اميدوارن جو حتمي فيصلو نه ڪري سگھي، ٽڪيٽ نه ملڻ تي ڪجهه اڳواڻن پاران پنهنجا نوازي جو الزام، پي ٽي آءِ، فنڪشنل ليگ ۽ قوم پرست جماعتن جو گڏيل اتحاد به ميدان ۾ لٿل، سخت مقابلي جو امڪان، رپورٽ موجب ضلعي جي 42 يونين ڪائونسلن، 07 ٽائون ڪاميٽين ۽ ھڪ ميونسپل ڪاميٽي تي مڪاني چونڊ ٿيندي، جنهن لاءِ سخت مقابلي جا امڪان آهن

 ھن ڀيري ضلعي جي واحد ميونسپل ڪاميٽي عمرڪوٽ تي پي ٽي آءِ پاران وڌيڪ ڪاميابيون حاصل ڪرڻ جون دعوائون ڪيون پيون وڃن

گذريل چونڊن ۾ به پي ٽي آءِ جو پ پ سان سخت مقابلو ٿيو ھو، جنھن ۾ پي ٽي آءِ 4 وارڊ کٽيا هئا، غوثيه جماعت جو حاجي حسين منڱريو، اصغر پلي، ڊاڪٽر علي نواز شاھاڻي ۽ ٻيا مقامي اڳواڻ پي ٽي آءِ اميدوارن  کي ڪامياب ڪرائڻ لاءِ جوڙ توڙ ۾ رڌل آھن

 ھوڏانھن پ پ پاران ميونسپل ڪاميٽي جي چيئرمين شپ کٽڻ لاءِ خالد سراج سومرو، سرفراز شاھ ۽ امير علي شاھ ۽ ٻيا سرگرم آھن، جڏھن ته پھريون ڀيرو قومپرست جماعتن ايس ٽي پي، قومي عوامي تحريڪ ۽ ايس يو پي اتحاد تحت حاجي ساند، گل بجير ۽ ٻيا اميدوارن ميدان ۾ لٿل آھن

 ان ڏس ۾ سياسي حلقن جو چوڻ آهي ته ميونسپل ڪاميٽي جي چيئرمين شپ تي اصل مقابلو پ پ، پي ٽي آءِ ۽ قومپرستن وچ ۾ ٿيندو، هوڏانهن آزاد اميدوارن ۽ نوجوان طبقي به ڀوتارن، وڏيرن ۽ ناڪام سياسي اڳواڻن خلاف مختلف وارڊن تي فارم جمع ڪرائڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن

 ھن وقت تائين جن اميدوارن ميونسپل ڪاميٽي لاءِ فارم وصول ڪيا آھن انهن ۾ خالد سراج سومرو، اسد خالد سومرو، نرمل ميگھواڙ، ڪمار ٽلواڻي، بنسي مالھي، ڌرمداس بيٺلاڻي، حاجي ساند، گل بجير، ليکرج مالھي ۽ ٻيا شامل آهن

اھڙي طرح ضلعي ڪائونسل لاءِ پ پ، فنڪشنل ليگ ۽ ٻين پارٽين جي جن اميدوارن فارم ڀريا آهن انهن ۾ صوفي اڪبر سومرو، عبدالمجيد سمون، علي بابا، شاھنواز  راھمون، بچل چوپاڻ سائينداد سميجو، لڇمڻ ڀيل، پنهون آريسر، خادم انڙ، انجنيئر تيرٿ، سجن ڪمار، نرمل ميگھواڙ ۽ ٻيا شامل آهن، هوڏانهن پ پ قيادت اڃا تائين اميدوارن بابت حتمي فيصلو نه ڪري سگهي آهي

ٻئي طرف پ پ جي ضلعي ترجمان رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته پ پ اڳواڻن توڙي اميدوارن وچ ۾ ٽڪيٽن جي ورھاست ۽ نامزدگين بابت ڪي به اختلافات ناھن اميدوارن جي حتمي لسٽ اڄ سومر تائين پارٽي قيادت حوالي ٿي ويندي

 ضلعي چيئرمين شپ لاءِ پ پ جا چار اميدوار حاجي محمد بقا پلي، سرفراز شاھ، حاجي حسن راڄڙ ۽ يونس ٽالپر متوقع اميدوار آهن، بلدياتي بورڊ جي ميمبر ۽ پ پ تعلقي پٿورو جي صدر عاشق شورو پاران تعلقي پٿورو جي فيصلن ۾ نظرانداز ڪرڻ جا الزام ھڻي احتجاج ڪيو آهي، جنهن کي پرچائڻ جون ڪوششون جاري آهن