ڪنهن کي به ڪڻڪ جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪري ناجائز منافعي خوري ڪرڻ نه ڏينداسين: وزير اعظم

0
172
گئس پهرين جولاءِ کان مهانگي

وزير اعظم شهباز شريف چيو آهي ته ڪنهن کي به ڪڻڪ جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪري ناجائز منافعي خوري ڪرڻ نه ڏينداسين، ملڪ ۾ ڪڻڪ جا ججها ذيرا موجود آهن

اسلام آباد ۾  وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ ڪڻڪ جي صورتحال بابت اجلاس ٿيو، جنهن دوران کيس ڪڻڪ جي ذخيرن،اٽي جي اگهن بابت بريفنگ ڏني وئي

وزيراعظم چيو ته گذريل 5 ڏينهن دوران اٽي جي 40 ڪلو واري ٿيلي جي قيمت ۾ تقريبن هڪ هزار روپين جي گهٽتائي ٿي آهي

هن چيو ته صوبا پنهنجي ۽ پاسڪو وٽان خريد ڪيل ڪڻڪ فلور ملز تائين پهچائن، حڪومت غريب عوام لاءِ اٽي جي هٿرادو کوٽ ۽ هٿرادو مهانگائي پيدا ڪندڙن کي سخت سزا ڏيندي