شهيد ناظم جوکيو ڪيس: ايم پي اي ڄام اويس گهرام سميت ٽن جوابدارن کي آزاد ڪرڻ جو حڪم

0
299
شهيد ناظم جوکيو قتل

ملير جي عدالت شهيد ناظم جوکيو جي قتل ڪيس ۾ نامزد ايم پي اي ڄام اويس گهرام سميت ٽن جوابدارن کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

  عدالت شهيد ناظم جي وارثن سان ٺاهه جي بنياد تحت ڄام اويس گهرام، معراج جوکيو ۽ احمد خان شورو خلاف ڪيس ختم ڪري ڇڏيو

ملير جي عدالت پيپلز پارٽي جي ايم پي اي سميت  ٽنهي جوابدارن کي آزاد ڪرڻ جو حڪم به ڏنو آهي، جڏهن ته  ڪيس ۾ نامزد 2 جوابدار سومار جوکيو ۽ دودو خان قتل جي الزامن مان آجا قرار ڏنا ويا آهن

 ٻنهي جوابدارن خلاف اغوا جو ڪيس هلندو رهندو، شهيد ناظم جو قتل ڪيس هاڻي رڳو ٽن جوابدارن نياز سالار، حيدر علي ۽ مهر علي خلاف هلندو