ڪنري: پريمي جي قتل ڪيل ڀاءُ جو 5 ڄڻن خلاف ڪيس داخل

0
332
ڪنري: پريمي جي قتل

ڪنري (ن پ ا)  گذريل ڏينھن پيار پرڻي تان پريمي جي ڀاءُ جي قتل واري مامري ۾ اڳڀرائي ٿي آهي، مقتول نوجوان عمير حسين راجپوت جي ڀاءُ، پريمي راشد راجپوت جي فرياد تي پريميڪا جي ماءُ سميت پنج ڄڻن خلاف قتل جو ڪيس داخل ڪرايو ويو آهي

پريميڪا جي ماءُ شاھده پروين، سندس ڀائرن علي رضا راجپوت، ذيشان راجپوت، آصف آرائين ۽ ھڪ اڻڄاتل جوابدار سميت پنج ڄڻن تي قتل جو ڪيس داخل ڪيو ويو

فريادي ڪيس ۾ ڄاڻايو آھي ته مون ھڪ ھفتو اڳ جوابدار ڌر جي ڀيڻ عليشا راجپوت سان پسند جو پرڻو ڪيو هو، جنھن تان جوابدار مڇريل ھئا، گذريل ڏينھن جوابدارن گڏجي منھنجي ڀاءُ کي گھر ايندي وچ رستي ۾ گوليون ھڻي بي گناھ قتل ڪري ڇڏيو

ڪيس ۾ نامزد جوابدارن جي ماءُ شاھده پروين ۽ ھڪ جوابدار آصف آرائين کي گرفتار ڪرڻ جا اطلاع آھن

جڏهن ته مقتول جي جنازي نماز مرڪزي عيد گاھ ڪنري ۾ ادا ڪئي وئي، جنھن ۾ برادري کان علاوه شھرين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي

ياد رھي ته گذريل ڏينھن پسند جو پرڻو ڪرڻ تان پريميڪا جي ڀائرن حملو ڪري پريمي جي ڀاءُ نوجوان عمير حسين راجپوت کي گوليون ھڻي قتل ڪيو ھو

ھي به پڙھندا

دادو: پسند پرڻو ڪندڙ نوجوان مبينا طور قتل