غزه تي اسرائيل جي بمباري جاري، شھيد فلسطينين جو انگ 32 ٿي ويو

0
306
غزه تي اسرائيل جي بمباري

ڪراچي: اسرائيل جا غزه تي ٻئي ڏينهن به فضائي حملا جاري، 6 ٻارڙن سميت شهيد ٿيل فلسطينين جو انگ وڌي 32 ٿي ويو آھي، ٻارڙن ۽ عورتن سميت 204 ڄڻا زخمي ٿي پيا

 پرڏيھي خابرو ادارن موجب اسرائيلي فورسز پاران حملن ۾ اسلامي جهاد جي اڳواڻن خالد منصور ۽ تيسير جبار کي مارڻ جي دعويٰ، اسرائيل جو چوڻ آهي ته فلسطيني اسلامي جهاد جا حملا روڪڻ لاءِ ڪارروائيون ڪيون پيون وڃن، حملا جاري رکڻ جو اعلان ڪيو ويو آھي

فلسطين جي ويڙهاڪ تنظيمن پاران اسرائيل تي 6 سئو کان وڌيڪ راڪيٽ فائر ڪيا ويا، گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جو هنگامي اجلاس طلب ڪيو ويو ۽ عالمي برادري پاران اسرائيلي جارحيت جي مذمت، فوري طور حملا روڪڻ جو مطالبو ڪيو ويو آھي