دادو: پسند پرڻو ڪندڙ نوجوان مبينا طور قتل

0
196

دادو جي شهيد مخدوم بلاول ڀرسان پسند جو پرڻو ڪندڙ نوجوان مبينا طور قتل ٿي ويو آهي، پوليس مقتول جو لاش تحويل ۾ وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي

پوليس موجب مقتول جي وارثن بيان ڏنو آهي ته ڳوٺ مينهون سولنگي ۾ هٿياربندن بندوق جا فائر ڪري واحد بخش سولنگي کي قتل ڪري ڇڏيو

وارثن موجب واحد بخش سولنگي ڪجهه عرصو اڳ حضوران هنڱورو سان پرڻو ڪيو هو، ناري جي وارثن کيس قتل ڪيو

پوليس مقتول جو لاش اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارورائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، جڏهن ته واقعي جي جاچ پڻ شروع ڪئي وئي آهي