پرڏيھي فنڊنگ ڪيس: ايف آءِ اي عمران اسماعيل ۽ سيما ضياءَ کي طلب ڪري ورتو

0
247
پاڪستان کان سستو پيٽرول

ڪراچي: ايف آءِ اي غيرقانوني پرڏيهي فنڊنگ ڪيس ۾ سنڌ جي اڳوڻي گورنر عمران اسماعيل ۽ ايم پي اي ڊاڪٽر سيما ضياءَ کي به طلب ڪري ورتو آھي، ايف آءِ اي عمران اسماعيل 15 آگسٽ ۽ ڊاڪٽر سيما کي 12 آگسٽ تي طلب ڪري ورتو

 نجي بينڪ جي آفيسرز کي به 10 آگسٽ تي ايف آءِ اي ڪراچي جي آفيس ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو ويو آھي، ذريعن موجب فارين فنڊنگ ڪيس جي جاچ دوران ايف آءِ اي 15 غيرقانوني اڪائونٽس جو پتو لڳايو آهي

 ذريعن موجب ڪراچي ۾ 4 غيرقانوني اڪائونٽس هٿ ڪيا ويا آهن، ايف آءِ اي قومي اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر اسد قيصر کي به طلب ڪري چڪي آهي، اسد قيصر جو چوڻ آهي ته هر جاچ کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهيان

ھي به پڙھندا

آگسٽ جو مھينو انتھائي اھم آھي، زميني طاقتون حڪمرانن ۽ آسماني طاقت ۽ عوام عمران سان گڏ آهن: شيخ رشيد