ڪرکڻندڙ دهشتگردي ۽ نيشنل ايڪشن پلان

0
178
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

پاڪستان دهشتگردي خلاف جنگ ۾ جيتريون قربانيون ڏنيون آهن دنيا جي ڪنهن ملڪ شايد ئي ايتريون قربانيون ڏنيون هجن.سيڪيورٽي ادارن جي جوانن  کان وٺي عام شهرين ۽ معصوم شاگردن جون به حياتيون انهي ويڙهه ۾ قربان ٿيون.جاني نقصان کان علاوه جيڪو پاڪستان جو معاشي نقصان ٿيو ان جو ته ڪاٿو ئي نه ٿو لڳائي سگهجي پر انهي دهشتگردي مان اڃان تائين مڪمل طور پاڪستان جان نه ڇڏائي سگهيو آهي.ڪجهه سالن جي ٺاپر کانپوءِ اهي دهشتگرد وري ڪر کڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن جنهن جو تازو مثال ڪجهه ڏينهن اڳ سوات جهڙي خوبصورت علائقي ۾ معصوم شاگردن جي وين تي دهشتگرد حملو آهي جنهن  سوات ڄائي ملالا يوسف زئي تي ٿيل حملي جي ياد ڏياري ڇڏي.ملالا يوسف زئي جنهن بهادري سان انهي واقعي کي منهن ڏنو ۽ پنهنجي حياتي بچائڻ ۾ ڪامياب ٿي  اهو پاڪستان جي تاريخ ۾ رقم ٿي چڪو، انهي کي سڄي دنيا ۾ مڃتا ملي ۽هن نوبل انعام ماڻيو. اهو به اتفاق آهي ته اها ساڳي ملالا  ڪيترن سالن کان پوءِ تازو ٻوڏ متاثرن جي امداد لاءِ پاڪستان پهتي ۽ سنڌ جي ٻوڏ متاثر علائقن جو دورو ڪيو.ايئن ٿو لڳي دهشتگردن خلاف اها جنگ اڃا اڌوري آهي جنهن کي مڪمل ڪرڻ جي ضرورت آهي جيڪي دهشتگرد بابار ڪر کڻي ملڪ جو امن امان تباهه ڪرڻ سان گڏ ملڪي معيشت کي به نقصان پهچائي رهيا آهن ته ان جي سياسي عدم استحڪام جو به سبب بڻجي رهيا آهن جنهن سان  دنيا ۾ به ان حوالي سان مختلف ڳالهيون ڪيون ٿيون وڃن.

اي پي ايس پشاور تي ٿيل دهشتگرد حملي کانپوءِ جنهن ۾ سوين ٻار شهيد ٿي ويا هئا سڀني سياسي ڌرين ۽ عسڪري قيادت گڏجي نيشنل ايڪشن پلان جوڙيو هو جنهن مطابق دهشتگردن خلاف اهڙي فيصلائتي ڪارروائي ڪرڻي هئي جنهن کان پوءِ اهي ٻيهر ڪر نه کڻي سگهن، ان لاءِ صوبن ۾ ايپڪس ڪميٽيون به ٺهيون ته مرڪزي سطح تي نيڪٽا جو به وجود پيو ،ڪجهه سال ته انهن باڊيز بهتر انداز۾ ڪم ڪيو پر نواز ليگ جي آخري سالن  ۽ پي ٽي آءِ جي چئن سالن ۾ ڄڻ اهي باديز غير فعال ٿي ويون خاص ڪري پي ٽي آءِ جي حڪومت ۾ ته ڄڻ انهن جو ڪو وجود ئي نه هو جنهن ڪري نيشنل ايڪشن پلان تي مڪمل عمل نه ٿي سگهيو ۽ دهشتگرد وري ڪر کڻڻ لڳا آهن، جنهن جو مثال تازو سوات جي علائقي ۾ انهن دهشتگردن جون وڌندڙ سرگرميون آهن جنهن ڪري اتان جو عوام اٿي کڙو ٿيو آهي ۽ احتجاج تي مجبور ٿيو آهي.انهي صورتحال کي ڏسندي وزيراعظم پاڪستان نيشنل سيڪيورٽي ڪاميٽي جو اجلاس گهرايو، اجلاس ۾ سوات سميت ملڪ جي ٻين علائقن ۾ امن امان جي صورتحال جو جائزو ورتو ويو اجلاس ۾ مرڪزي سطح تي ايپڪس ڪاميٽي جوڙڻ جو فيصلو ڪيو ويو، ايپڪس ڪاميٽي جي صدارت وزيراعظم ڪندو، اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته دهشتگردي جي خاتمي واري اداري نيڪٽا کي فعال ڪيو ويندو، نيڪٽا صوبائي سطح تي دهشتگردي جي خاتمي وارن ادارن، سي ٽي ڊي جي گڏيل عمل سان ڪم ڪندو، دهشتگردي جي خاتمي لاءِ وفاقي ۽ صوبائي سطح تي نظام جي نئين سر متحرڪ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، دهشتگردي جي خاتمي واري نظام کي جديد ٽيڪنالاجي سان جوڙڻ جو فيصلو ڪيو ويو .

اسان سمجهون ٿا ته مرڪزي سطح تي ايپڪس ڪميٽي جو جڙڻ ۽ نيڪٽا کي وري فعال بنائڻ بهتر فيصلو آهي جنهن سان هڪ ته ادارن ۾ رابطاڪاري بهتر انداز ۾ ٿي سگهندي ته انهن ادارن کي سياسي پٺڀرائي به ملي سگهندي ،جيڪو ئي اصل ۾ نيشنل ايڪشن پلان جو مقصد هو جيڪو اڳوڻي حڪومت ۾  نه ڪيو ويو ۽ وقت وڃايو ويو جنهن ڪري  دهشتگردن کي وري منطم ٿيڻ جو موقعو ملي ويو.تنهن ڪري نيشنل سيڪيورٽي ڪاميٽي جي فيصلن تي بنا دير عمل ڪرايو وڃي ته جيئن سوات سميت سڄي ملڪ ۾ امن امان بحال ٿئي ته ڪر کڻندڙ دهشتگردي کي به چٿي سگهجي،سوات ۾ هلندڙ احتجاج ذريعي عوام به اهو ئي مطالبو ڪري رهيو آهي.جيڪڏهن ملڪ ۾ امن امان قائم ٿيو ته سياسي استحڪام به پيدا ٿيندو، جنهن سان ملڪ معاشي طور اڳتي وڌڻ شروع ڪندو.