نئين عالمي صفبندي ۽ ملڪي منظرنامو

0
417
نئين عالمي صفبندي ۽ ملڪي منظرنامو

 نوبل انعام يافته ملاله يوسفزئي جيڪا سنڌجي برسات سٽيل علائقن جو دورو ڪري رهي آهي، تنهن تي حملي جي ڏهين سالگرھه جي موقعي تي سندس ديس سوات ۾ ٻيهر دهشتگرد ڪارروايون شروع ٿي چڪيون آهن. منگوره ۾ اسڪول وين جي ڊرائيور کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو آهي جنهن تي احتجاج ڪندي سوات قومي جرگي جي قيادت ۾ سوين ماڻهو دهشتگردي خلاف روڊن تي نڪري آيا آهن. پشتون قومي تحريڪ ۽ جماعت اسلامي به گڏجي مظاهرا ڪيا آهن. ان صورتحال تي غور ڪرڻ لاءِ وزيراعظم جي صدارت ۾ قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس ۾ دهشتگردي کي منهن ڏيڻ جو پڪو پھه ڪيو ويو آهي. ان اجلاس ۾ پشتون قومي تحريڪ جي محسن داوڙ ۽ عوامي نيشنل پارٽي جي ميان افتخار حسين به شرڪت ڪئي آهي پر اها حيرت جوڳي ڳالھه آهي ته هن وقت تائين سلامتي ڪميٽي جي ڪنهن به اجلاس ۾ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽي زرداري شرڪت ناهي ڪئي ۽ ان جي جاءِ تي سندس نائب حنا رباني کر شرڪت ڪري رهي آهي. ڇا ڪميٽي کيس اين او سي ڏيڻ کان انڪار رهي آهي يا هو پاڻ کي ايترو مصروف محسوس ڪرائي رهيو آهي جو ان اهم اجلاس ۾ شرڪت کان ڪترائي رهيو آهي.کيس اجلاس ۾ شرڪت ڪرڻ گهرجي جيئن ان ۾ نمائندگي کي وڌيڪ وسيع ڪري سگهجي. سوات ۾ دهشتگرديء جي تازي لهر پويان طالبان قرار ڏنا پيا وڃن جنهن سان پاڪستان جونِ هلندڙ تڪراري ڳالهيون ناڪام ٿي چڪيون آهن.

پردي پويان انڊيا سان اڻ سڌين ڳالهين جو پڙاڏو به گونججي رهيو آهي. پر 2024ع ۾ انڊيا جي عام چونڊن تائين ڪنهن خاص نتيجي جي اميد نٿي ڪري سگهجي. پاڪستان ۾ به ايندڙ سال جي آخر تائين نئين مقررين ۽ عام چونڊن بعد نئين چونڊيل حڪومت ئي ڪو فيصلو ڪري سگهي ٿي. هن وقت موجوده اتحادي سرڪار ايتري مضبوط ناهي جيڪا ان سلسلي ۾ ڪا مثبت پيش قدمي ڪري سگهي. هن وقت اها روزاني جي سياسي معاشي معاملن کي ٺيڪ ڪرڻ ۾ لڳي پئي آهي جيڪا تاريخي ٻوڏ ڪري ماڻهن ۽ مال جي موت، بيگهر آبادي، فصلن ۽ انفرا اسٽرڪچر جي تباهي، بيمارين، ڪرندڙ ايڪسپورٽ، عالمي مهانگائي ۽ ڊالرجي ٽيهن سالن ۾ رڪارڊ ملھه سبب وڌندڙ امپورٽ بل جي ادائگي سبب پريشان آهي. وزيرخزانه عالمي بينڪ، آئي ايم ايف، ايشيائي ترقياتي بينڪ جي سربراهن ۽ سينئرعملدارن سان آميريڪا ۾ ملاقات ڪري چڪو آهي. عالمي بينڪ جي صدر کيس صحيح صلاح ڏني آهي ته مالياتي نظم ضبط ۽ بجلي جي ادارن ۾ سڌارا آڻيو يعني انهن کي خانگايو.ان قدم سان 25 کرب رپين جو مسلسل وڌندڙ گولائي قرض گهٽائي سرڪار جو نقصان ۽ قرض گهٽائي سگهجي ٿو. اسحاق ڊار سندس صلاح سان اتفاق ڪيو آهي. وزير خزانه اهو به چاهي ٿو ته هن سال قرض ادائگين ۾ ڪا رعايت وٺي سگهجي جنهن لاءِ چين ۽ وچ اوڀر جي ملڪن سان به ڳالهيون هلي رهيون آهن جنهن جو پاڪستان قرضي آهي. عالمي ادارن کان سواءِ چين اهو واحد ملڪ آهي جنهن جو سرڪاري ۽ خانگي قرض هن وقت آءِ ايم ايف ۽ عالمي بينڪ کان به وڌيڪ آهي ۽ هلندڙ سال اهو 5 ارب ڊالر وڌي 30 ارب ڊالرن تي پهچي چڪو آهي جيڪو ڪل غير ملڪي قرض جو ٽيون حصو آهي. چين کي هن سال 23 ارب ڊالر قرض واپس موٽائڻو آهي. عالمي بينڪ ۽ آءِ ايم ايف جي هيڊ ڪوارٽرن ۾ اجلاس جي موقعن تي سوين ماڻهن قرض معاف ڪرڻ جي مطالبي جي حق ۾ نعرا هنيا آهن. هنن چيو آهي ته موسمياتي تبديلين ڪري غريب ملڪن لاءِ قرض ادائگي ممڪن ناهي.

پاڪستان لاءِ صورتحال ان ڪري به ڏکي آهي جو يورپ، آميريڪا، انگلينڊ ۾ وڌندڙ مهانگائي،وياج اگهن وڌڻ سبب معيشت سسڻ جي خطري ڪري پاڪستان جي ايڪسپورٽ جنهن جو وڏو حصو انهن ملڪن ۾ دنگ ڪري ٿو گهٽجڻ جو امڪان ظاهر ڪيو پيووڃي. ڊار جي اچڻ سان رپئي جي عارضي مضبوطي ڪري ڏيساور ۾ رهندڙ پاڪستانين پاران موڪلجندڙ رقمون به سستي جو شڪار ٿي سگهن ٿيون ڇوته هو رپئي جو ملھه وڌيڪ ڪرڻ جو انتظار ڪري رهيا آهن. برطانيه ۾ معاشي صورتحال جي سنگيني جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته گذريل چئن مهينن ۾ چوٿون وزيرخزانه مقرر ڪيو ويو آهي. برطانوي وزير خزانه آميريڪا جي دوري تي هئي جتان کيس فورن واپس وزيراعظم هائوس 10 ڊائوننگ اسٽريٽ لنڊن پهچڻ جو حڪم مليو ڇو ته سندس تازن معاشي قدمن سان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ٻاڙائي اچي وئي هئي. پهچندي ئي سندس استقبال برطرفي جي خط سان ڪيو ويو.پائونڊ جو اگھه ڪرندي ڪرندي ڊالر جي ويجهو پهچي چڪو آهي، جيڪو ڪجهھ ڏهاڪا پهريائين ڊالر جي ٻيڻ تي هوندو هو. عالمي معيشت جي سسڻ جي خدشي سبب تيل جي گهرج گهٽجڻ جي خدشي ڪري عالمي منڊي ۾ جمعي تي تيل جي قيمت 3سيڪڙو گهٽجي چڪي آهي جنهن کي ٽيڪوڏيڻ لاءِ اوپيڪ پلس ملڪن پاران ايندڙ مهيني کان پئداوار روزانو 12 لک بئرل تائين گهٽائڻ جي فيصلي ڪري تيل جي امپورٽ بل وڌڻ سبب آميريڪا سعودي عرب کي پهريائين صلاح ڏني ته اهوفيصلو هڪ مهيني تائين ملتوي ڪيو وڃي ڇو ته سندس ملڪ ۾ وچ مدي واريون چونڊون ٿي رهيون آهن پر سعودي وراڻيو ته اهواقتصادي فيصلو آهي جنهن کي ملتوي نٿو ڪري سگهجي. ان بعد کيس تعلقات تي نظرثاني جي ڌمڪي ڏئي وئي آهي. سعودي بظاهر روس ۽ چين سان ٻٽ ٿي رهيو آهي. اوپيڪ پلس ۾ 24 ملڪ ميمبر آهن جن جي قيادت روس ۽ سعودي عرب ڪري رهيا آهن جن۾ اوپيڪ جي 13 ملڪن سميت تيل ايڪسپورٽ ڪندڙ 11 ٻيا ملڪ به شامل آهن جن ۾ روس، آزربائيجان، برونائي، ڪزاڪستان، ملائيشيا، فلپائين، بحرين، اومان، ميڪسيڪو، ڏکڻ سوڊان ۽ سوڊان شامل آهن. آميريڪا ۾ هن سال وچ مدي وارين چونڊن سبب صدر جو بائيڊن پريشان آهي ته تيل جي پيداوار گهٽجڻ سان تيل عالمي منڊي ۾ وڌيڪ مهانگو ٿيندو جنهن ڪري سندس ملڪ ۾مهانگائي وڌندي ۽ سندس ووٽر کانئس بيزار ٿيندا. اها ڳالھه دلچسپ آهي ته آميريڪا دنيا ۾ سڀني کان وڌيڪ هٿيار ايڪسپورٽ ڪندڙ ملڪ آهي جنهن جو مفاد عالمي ڦڏن کي فروغ ڏيڻ ۾ آهي ۽ سعودي عرب دنيا ۾ سڀني کان وڌيڪ تيل ايڪسپورٽ ڪندڙ ملڪ تيل جي ڪمائي مان انهن هٿيارن جو چوٿون حصو خريد ڪري ٿو.گذريل سال آميريڪا 47 ارب ڊالرن جا هٿيار ايڪسپورٽ ڪري چڪو آهي جن مان 12 ارب ڊالر سعودي خريد ڪيا آهن. جي آميريڪا سعودي کي هٿيار ڏيڻ بند ڪندوته سندس آمدني گهٽبي ۽ جي سعودي کان تيل جي خريد گهٽائيندو ته تيل مهانگو ٿيندو. ايئن اسي سالن بعد سعودي ۽ آميريڪا جا تعلقات تاريخ جيِ هيٺائين سطح تي پهچي رهيا آهن. جو بائيڊن جي حڪومت اوپيڪ جي هڪ هٽي کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪانگريس ۾ پنج مهينا اڳ NOPEC بل به پيش ڪري چڪي آهيُ پر تيل جي آميريڪي ڪمپنين پاران ان جي مخالفت ڪئي پئي وڃي ڇو ته تيل جي پيداوار تي ڪنٽرول ختم ٿيڻ سان قيمتون گهٽجڻ سبب سندن لاءِ اقتصادي طور ڪم ڪرڻ ڏکيو ٿي پوندو ڇوته سندن نفعو گهٽجي ويندو. ان ڪشمڪش کي سعودي پرڏيهي وزير آميريڪي وچ مدي وارين چونڊن دوران محض نئون ڊرامو قرار ڏنو آهي جنهن سان ڪجهھ آميريڪي مبصر به متفق آهن جيڪي چون ٿا ته ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا گڏيل مفادن تي ٻڌل آهن جن۾ ڪا بنيادي تبديلي نه آئي آهي.

ان پس منظر وچ ۾ اڄ بيجنگ ۾چيني ڪميونسٽ پارٽي جي ويهين ڪانگريس ٿي رهي آهي جنهن بابت عالمي ميڊيا خبرون ڏئي رهي آهي ته بيجنگ ۾ صدر شي خلاف بينر هنيا ويا آهن جن خبرن کي چين ۾ سينسر ڪيو ويو آهي. اهو واقعو ننڍي پئماني تي ٿيو آهي۽ اهو چيني معاشري جي ڪيتري قدر نمائندگي ڪري ٿو تنهن جو اندازو لڳائڻ سولو آهي ڇو ته چين جي آبادي ڏيڍ ارب جي لڳ ڀڳ آهي پر ان جي اهميت کي ان ڪري نظرانداز نٿوڪري سگهجي جو اهو پهريون دفعو ٿيو آهي. چين روس جا وڌندڙ تعلقات ۽ يوڪرين جنگ جي جاري رهڻ سبب جيڪي عالمي معيشت تي اثر پئجي رهيا آهن تنهن کي روڪڻ ۾ آميريڪا ۽ يورپ ناڪام ٿيندي نظر پيا اچن. ايندڙ سردي ۾ گئس جي بحران سبب لوڊشيڊنگ يورپ جي سورن ۾ وڌيڪ اضافو ڪندي. ان نئين صف بندي ۾ پاڪستان لاءِ صدر بائيڊن جو تازو بيان تشويشناڪ آهي ته پاڪستان دنيا جي خطرناڪ ترين ملڪن مان هڪ آهي۽ سندس ايٽمي پروگرام ڇڙواڳ آهي.ڏسجي ته ملڪي ڪرتا ڌرتا ان نئين اڀرندڙ عالمي صورتحال سان ڪيئن منهن ڏئي رهيا آهن. وقت اچي ويو آهي ته پاڪستان ۾ پنهنجي عوام جي دائمي پرامن معاشي مفادن کي نظر ۾ رکي ڊگهي عرصي جي مفادن جي بنيادتي پنهنجي ڪرت جو جائزو وٺي نئين سر جامع رٿابندي ڪئي وڃي.