ڪراچي ۾ ڪورونا مثبت ڪيسز جي شرح 50 سيڪڙو جي ويجهو پهچي وئي

0
201
ڪراچي ۾ ڪورونا مثبت

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ ڪورونا مثبت ڪيسز جي شرح 50 سيڪڙو جي ويجهو پهچي وئي آهي، ڪراچي ۾ ڪورونا ڪيسن ۾ مسلسل اضافو ٿي رهيو آهي ۽ مثبت ڪيسن جي شرح 50 سيڪڙو جي ويجهو پهچي وئي آهي

صحت کاتي موجب گذريل ڏينهن شهر ۾ 6 هزار 760 ماڻهن جا ڪورونا ٽيسٽ ڪيا ويا، جن مان 3 هزار 149 ماڻهن ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي

صحت کاتي جي عملدارن جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران مثبت ڪيسن جي شرح 47.56 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي

حيدرآباد ۾ به ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي شرح 17.27 سيڪڙو تي پهچي وئي آهي، ياد رهي ته گذريل ڏينهن به ڪراچي ۾ ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي شرح 41 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي هئي

ھي به پڙھندا

ملڪ ۾ 9 مهينن کانپوءِ ڪورونا ڪيسز جي شرح ۾ واڌ رڪارڊ