ڪورونا جي پنجين لهر: مثبت ڪيسن کانپوءِ فوتين جو انگ وڌي 23 ٿي ويو

0
240
ڪورونا جي پنجين لهر

ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) عالمي وبا ڪورونا سبب پاڪستان ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 23 ڄڻا فوت ۽ 7678 نوان ڪيس سامهون آيا آهن

پاڪستان ۾ ڪورونا جي شماريات جي ويب سائيٽ (covid.gov.pk) موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جا 59343 ٽيسٽ ڪيا ويا، جن مان 7678 ماڻهن ۾ ڪورونا وائرس جي متاثر ٿيڻ جي تصديق ٿي ۽ 23  مريض فوت ٿي ويا

سرڪاري پورٽل موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي شرح 12.94 سيڪڙو رهي، اين سي او سي موجب ڪورونا سبب فوتين جو انگ 29 هزار 65 ٿي ويو آهي جڏهن ته متاثرن جو انگ 1 لک 35 هزار 479 ٿي ويو آهي

گذريل 24 ڪلاڪن دوران 814 ڄڻا ڪورونا مان صحتياب ٿي ويا آهن جنهن کانپوءِ ملڪ ۾ وبا مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 12 لک 66 هزار ٿي ويو آهي

ھي به پڙھندا

ڪراچي ۾ ڪورونا مثبت ڪيسز جي شرح 50 سيڪڙو جي ويجهو پهچي وئي