مني لانڊرنگ ڪيس: شهباز شريف ۽ حمزا شريف جي عبوري ضمانت ۾ واڌ

0
195
مني لانڊرنگ ڪيس:

لاھور (ڊيسڪ رپورٽ) لاهور جي بينڪنگ ڪرائم ڪورٽ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي عبوري ضمانت ۾ واڌ ڪري ڇڏي آھي

لاهور ۾ بئنڪنگ ڪرائمز ڪورٽ جي جج سردار طاهر صابر شهباز شريف ۽ حمزا شهباز جي مني لانڊرنگ ڪيس ۾ عبوري ضمانت جي درخواستن جي ٻڌڻي ڪئي، پنجاب اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ حمزا شهباز عدالت ۾ پيش ٿيو، جڏهن ته شهباز شريف بيمار هئڻ سبب معافي گهري وئي

ايف آءِ اي طرفان پراسيڪيوٽر معظم حبيب ۽ حمزه شهباز پنهنجي وڪيل امجد پرويز ايڊووڪيٽ سان گڏ عدالت ۾ پيش ٿيا، ٻڌڻي دوران ايف آءِ اي عملدارن عدالت کي ٻڌايو ته 24 جنوري تائين چالان جمع ڪرائينداسين

عدالت چيو ته چالان جمع ٿيڻ کانپوءِ شهباز شريف ۽ حمزا کي 4 ڏينهن ملندا، عدالت جڏھن اختيار جي دائري جو فيصلو ڪري ڇڏي تھ ھي ڪيس ھتي ٻڌڻ ٺھي ئي نٿو

شهباز شريف جي وڪيل اپوزيشن ليڊر جي ڪورونا رپورٽ مثبت اچڻ سان گڏ سندس ڪورونا لاڳاپن تي معافي نامو به جمع ڪرائي ڇڏيو آھي

امجد پرويز چيو ته هن عبوري ضمانت ۾ واڌ جي درخواست به ڏني آهي جنهن تي عدالت شهباز شريف ۽ حمزا شهباز جي 28 جنوري تائين عبوري ضمانت منظور ڪري ورتي آھي

ھي به پڙھندا

حڪمران سستي ترين ۽ عوام مهانگي ترين پاڪستان ۾ رهي ٿو:شھباز شريف