پاڻي ناهي ڇو ڀلا، ڪربلا ڪربلا!

اسان جي ڳوٺ ڳهڻو لغاري ۾ محترما بينظير ڀٽو جي حڪومت جي ٻئي دور ۾ 1995ع ۾ 45 لک رپين جي واٽر سپلاءِ اسڪيم ڏني وئي هئي جيڪا مارچ 1996ع ۾ ٺهي راس ٿي، ان وقت جو ايم پي اي حاجي عبدالغفور نظاماڻي ان جو افتتاح ڪيو هو، ان بعد واٽر سپلاءِ اسڪيم کي هلائڻ لاءِ عملو به مقرر نه ڪيو ويو، ايئن حڪومت جي بيڌياني سبب لاوارث حالت ۾ ان اسڪيم کي ڇڏيو ويو، جيڪا نيٺ هلي هلي ڀوت بنگلي جو ڏيک ڏيڻ لڳي، آخرڪار ان اسڪيم تي لکين رپيا قومي خزاني مان خرچ ڪرڻ باوجود ڳوٺاڻن کي هڪ ڦڙو پاڻيءَ جو به نصيب نه ٿيو، ايئن ان اسڪيم جي چوديواري، عمارت ۽ انجڻيون، موٽر وغيره ڳري تباهه برباد ٿي ويا. ڏسندي ئي ڏسندي ان کي 26 سال گذري ويا ۽ ڳوٺ ڳهڻو لغاري جي واٽر سپلاءِ اسڪيم موئن جي دڙي جو ڏيک ڏيڻ لکي، آخرڪار ڳوٺاڻن جي دانهن ڪوڪن رنگ لاتو ۽ جنوري 2020ع ۾ ان وقت جي ايم پي اي سردار بشير احمد هاليپوٽو صاحب ان واٽر سپلاءِ اسڪيم تي سنڌ حڪومت کان منظوري وٺي پبلڪ هيلٿ کاتي مان عملو مقرر ڪرايو، ان عملي کي به هڪ مهينو پگھار ڏني وئي پوءِ انهن کي ڪا به پگھار نه ملي. 23 مارچ 2021ع ۾ بشير صاحب وفات ڪري ويو ۽ ڳوٺ ڳهڻو لغاري جي واٽر سپلاءِ اسڪيم تي رکلي عملو به لاوارث ۽ مايوس آهي. 20 مئي 2021ع تي بشير صاحب جي خالي سيٽ ٻي اليڪشن ٿي ۽ بشير صاحب جو ڀاڻج محمد عرف ڏاڏا هاليپوٽو پ پ پ ٽڪيٽ تان ڪامياب ويو، اسان ڳوٺ ڳهڻو لغاري واسي پ پ پ ايم پي اي محمد عرف ڏاڏا هاليپوٽو صاحب کي گذارش ٿا ڪريون ته ڳوٺ ڳهڙو لغاري جي واٽر سپلاءِ اسڪيم جي مرمت ڪرائي مقرر ٿيل عملي جون پگھارون جاري ڪرايون وڃن ڇاڪاڻ ته اسان جا ٻچا لنگھڻ تي ويٺا آهن، واٽر سپلاءِ اسڪيم مان ڳوٺاڻن کي ڪو فائدو پهچي سگھي.

عبدالغفار لغاري/ڳوٺ ڳهڻو لغاري، ماتلي

ھڪڙي چٺي ڊي سي بدين جي نالي!

  جناب اعليٰ توھان مان اسان کي ڪافي اميدون آهن، عرض آهي ته ڳوٺ ۽ يوسي خليفو قاسم ۾1985 ۾ تعمير ٿيل واٽر سپلاءِ اسڪيم جي بحالي لاءِ ڪيترائي ڀيرا چونڊيل نمائندن آڏو دانھيو آهي پر مسئلو حل نه ٿي سگھيو آهي، واٽر سپلاءِ پبلڪ ھيلٿ انجنئرنگ کاتي حوالي ھجڻ باوجود به لاڳاپيل ادارو ان اھم مسئلي کان لاتعلق بڻيل آهي، ڪجهه وقت اڳ توهان کي به درخواست عرض رکي سين، ڳوٺاڻن جي شڪايتن تي توهان نوٽيس وٺندي انجنيئر کي واٽر سپلاءِ وزٽ ڪري مسئلو حل ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو ھو پر وزٽ بعد 5 مھينا گذري چڪا آهن، پاڻي جي سپلاءِ بحال نه ٿي سگهي آهي ۽ 1000 گھرن تي مشتمل ڳوٺ پيئڻ جي صاف پاڻي جي ڦڙي ڦڙي لاءِ پريشان آهي، جڏهن ته واٽر سپلاءِ جي بجيٽ لاڳاپيل کاتو ھڙپ ڪري وڃي ٿو ۽ سالن کان خراب ۽ ٽٽل لائينون بحال نه ڪيون ويون آهن، جنهن جي ڪري يوسي ھيڊ ڪواٽر جي ڳوٺ کي پاڻي جي سپلاءِ 16 سالن کان بند پيل آهي جڏهن ته ڳوٺاڻا تلاءَ مان پنهنجي مدد پاڻ تحت پاڻي ڀرائين ٿا پر پبلڪ ھيلٿ کاتو اسان جي مسئلن کان لاتعلق بڻيل آهي. جناب اعليٰ ٻڌو آهي ته توهان انتھائي بھترين ۽ عوام دوست آفيسر آهيو، سو لکين اميدون رکندي عرض ته اسان جي ٻچن کي پئيڻ جي صاف پاڻي جي سھولت مھيا ڪرڻ لاءِ واٽر سپلاءِ خليفو قاسم جي مرمت ڪرائي ڳوٺ ۾  پاڻي جي سپلاءِ بحال ڪرائيندا ته ٿورائتا رھنداسين، اميد ته اسان جو مسئلو اوليتي بنيادن تي حل ڪيو ويندو.

حاجي جمعون کنگھر/ ڳوٺ خليفو قاسم، بدين

منڇر فائونڊيشن رجسٽرڊ ڪرايو مهاڻا بچايو!‎‎

  نه ڪا بوءِ بازار ۾ نه ڪا ڇلر ڇٽ، جتي ڏنڀيرين جا ھئا اڳ اکٽ سي پڙ پسيو پٽ ماڻهو وڃن موٽيو، افسوس اسان ڀٽائي گھوٽ جي ھن ھڪڙي بيت تي تحقيق ڪيون ھان ته گھڻو ڪجھ سبق حاصل ڪري اڄ تباھ ٿيل منڇر جي مهاڻن کي منڇر جي ٻيھر بحال ٿيڻ تائين ڪو نعم البدل منصوبو جوڙي چڪا ھجون ھان، ھن بيت ماضيءَ ۾ مهاڻن جي تباھ ٿيل عروج مان سبق سکڻ گھرجي ھا، مڃون ٿا ته درياھ ڍنڍن جي تباھي، ترقي، دنيا جي چرخي جو حصو آھي پر ان جي تباھي کي ٻيھر بحالي لاءِ سرڪار وٽ ترجيحن انساني بنيادي ڪائناتي حقن جي ادائيگي رياست مٿان فرض آھي، منڇر جي تباھي دوران قضا ٿيڻ ڪنهن کان ڳجھا ناھن، ھن وقت منڇر ۾ جيڪو پاڻي آھي ان کي پاڻي نه  پر زھر سمجهڻ گھرجي، سرڪاري سطح تي اڀياسن تي ٿيندڙ ڪروڙين رپيا خرچ ڪرڻ بدران منڇر فائونڊيشن قائم ڪري مهاڻن کي سعودي، دبئي، روزگار سان موڪليو وڃي، بعد ۾ سولين قسطن ۾ کانئن ويزا تي آيل خرچ واپس ڪرايو وڃي، جڏهن ته وقت ۾ وياجن تي پئسا وٺي ويزائون وٺڻ سبب مهاڻا اڃا وڌيڪ قرضن ۾ جڪڙجي رھيا آھن اھڙي طرح مهاڻن جي معاشي حالت بھتر ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ترت چارو نظر نٿو اچي.

منظور هاليپوٽو/ٽلٽي

هڪ چٺي چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ ڏانهن!

  جناب چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ، سائين جن کي گذارش آهي ته ضلعي خيرپور تعلقي فيض گنج جو هڪ ڳوٺ جيڪو وڏي آبادي وارو ڳوٺ ننگر خان شر آهي جنهن ۾ پراڻي دور جو پرائمري اسڪول به آهي، ان اسڪول ۾ هڪ هيڊ ماستر سميت ٽي استاد مقرر آهن پر انهن استادن جي ايتري ته لاپرواهي آهي جو انهن استادن جي ڪري اسڪول ۾ غير واسطيدار ماڻهو اچي شاگردن کي هراسان ۽ تشدد جو نشانو بڻائين ٿا، جيڪو سلسلو سالن کان هلندر آهي، ڪجھه ڏينهن اڳ به ايئن ٿيو جو ڪن غير واسطيدار ماڻهن اسڪول جي شاگردن تي پٿرن سان حملو ڪيو نتيجي ۾ هڪ شاگرد فيض محمد پٽ نور حسن شر جي اک کي تمام گھڻو نقصان پهتو. زخمي شاگرد جو پيءُ مزدوري ڪندڙ غريب آهي جيڪو انهن حملي آور بااثر شخصن خلاف ڪجھه ڪڇڻ نٿو چاهي، ڇو ته ڪڇڻ جي صورت ۾ ان کي جاني نقصان جو خطرو آهي ان سان گڏ اهو به عرض آهي ته استادن جي ستم ظريفي اها آهي جو بجاءِ انهن شرپسندن خلاف ڪارروائي ڪرڻ جي ابتو تشدد ٿيل شاگرد کي اسڪول مان نيڪالي ڏئي ڇڏي آهي. جناب اعليٰ اسان جڏهن ان سموري عمل خلاف تعلقي فيض گنج جي ايجوڪيشن آفيسر کي لکت ۽ زباني طور شڪايت ڪئي ته ان به بجاءِ ڪا ڪارروائي ڪرڻ جي وڏيي کي فيصلو ڪرڻ جو چئي پاڻ کي آجو ڪري ڇڏيو، جناب چيف جسٽس آف سنڌ هاءِ ڪورٽ توهان سميت اسان جي سڀني اعليٰ آفيسرن سيڪريٽري ايجوڪيشن ۽ ضلعي خيرپور جي مڙني ذميوار آفيسرن کي به گذارش آهي ته مسئلي جو نوٽيس وٺي تشدد ٿيل شاگرد کي اسڪول مان نيڪالي ۽ ان شاگرد کي انصاف فراهم ڪري استادن ۽ بااثرن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

احمد علي شر/فيض گنج

سڀ وڏيرا حاجي بقا پلي جھڙا ٿين ته هاري خوشحال هجن!‎‎

  اسان جي سماج ۾ وڏيري لفظ کان ئي نفرت ٿيندي پئي وڃي، ان جو سبب اهو آهي ته وڏيرن سدائين هارين سان ظلم ۽ ڏاڍ ڪيا آهن ۽ اسان جي سماج ۾ سڀ وڏيرا برابر به ناهن ۽ انهن چڱن وڏيرن ۾ عمرڪوٽ جو هڪ وڏيرو حاجي بقا پلي به آهي، جنهن تازو ئي هڪ مثال قائم ڪيو آهي ته سندس هارين جي بچت هڪ ڪروڙ 10 لک رپيا هئي ۽ هارين جي کڻت 80 لک رپين جي لڳ ڀڳ هئي، هن ڀيري فصل سٺا ٿيڻ سبب بقا پلي هارين کي کڻت جا 80 لک معاف ڪري ڇڏيا ۽ باقي بچت جي رقم هڪ ڪروڙ ڏھ لک هارين ۾ ورهائي ڇڏيا، ان کان پوءِ هارين کي اهو به چيائين ته هاڻي جلد ئي ٻيا فصل تيار ٿيڻ وارا آهن جن ۾ توريو، ڪڻڪ ۽ ڊالڊا شامل آهن، انهن جي به ورهاست ايئن ئي ٿيندي ۽ حقدارن کي حق ڏنا ويندا. جيڪڏهن اسان جي سنڌ جي وڏيرن جون سوچون ان طرز جون ٿي وڃن ته هارين سان ٿيندڙ زيادتين جو ازالو ڪري سگهجي ٿو ان سان گڏوگڏ جيڪڏهن وڏيرا هارين سان ايئن ايمانداري سان ورهاست ڪندا رهندا ته نه هاري ڀڃندا ۽ نه ئي خانگي جيل رکڻ جا ڪيس ظاهر ٿيندا.

دليپ آزاد/ عمرڪوٽ

درد وڌندي سال

 ٿي ويا تون نه آئين!

  نيوڇور واسين جا هزارين مسئلا آهن پر هن وقت اهم مسئلو آهي رستي جو جيڪو نيوڇور بس تي ويندو آهي اهو رستو ڪنڀر، حجام، شيخ، لوهار، مهشوري، سميجا، مغل، شيخ ڏانهن ويندو آهي، نيوڇور يوسي انتظاميا نيوڇور جي صفائي ڪٿان ڪرائيندي جڏهن يوسي آفيس اڳيان گندي پاڻي جو تلاءُ ٺهيو پيو آهي، ايندڙ ڪافي موٽر سائيڪل سوار هن گندي پاڻي ۾ ڪري پون ٿا، هن پاڻي کي بيٺي 8 کان 10 ڏينهن ٿي ويا آهن پر افسوس اڃا تائين اهو پاڻي نيڪال ناهي ٿي سگهيو. يوسي آفيس جي هڪ ڀت کي پاڻي گهيريو بيٺو آهي، ڪجھ ڏينهن ۾ اها ڀِت ڪري به سگهي ٿي پر انتظاميا ڪو به قدم ناهي کنيو. هن رستي تان گذرندڙ مجبوري کان سواءِ ڪجھ به نٿا ڏيکاري سگهن، ڇاڪاڻ ته هي رستو انتهائي خراب آهي، گٽر نالي جي اٿلڻ جي ڪري هر وقت پاڻي بيٺل آهي پر ان کي نيڪال ڪرڻ جي ڪنهن جي ذميواري آهي؟ اهو پڇڻ نيوڇور وارن جو حق آهي پر سندس زبان تي لڳل تالا اهو ٿا ٻڌائين ته ڪنهن مجبوري هنن کي مجبور ڪيو آهي ته متان ڀلجي دانهن ڪئي اٿو! تالا هڪ ڏينهن شعور جي چاٻي کوليندي، بس تيستائين اهو گندو پاڻي ڀلي وڌي ۽ انتظاميا جي نااهلي نيوڇور ايندڙ ماڻهن کي ٻڌائي ته منهنجي بجيٽ مون تي خرچ ٿي آهي، مان پئرس ٿيو پيو آهيان، انتظاميا کي هاڻ اسان جي دل نٿي چوي ته اسان هنن کي ڪنهن مسئلي جي حل جو چئون ڇو ته ڪو آسرو ناهي جو هي مخلوق جا مسئلا حل ڪن ۽ هنن آزارن جي زندگي مان جان ڇڏائين، ڪير هن درد جو درمان ڪندو؟ تيستائين عوام جي اها صدا آهي ته “آھي درد ڀري دل جي ڪو دانهن ٻڌڻ وارو، ڪو حال پڇڻ وارو، ڪو پيار ڏيڻ وارو.” (سرمد سنڌي)

ڪاشف جوکيو /نيوڇور

مردن مان ٻار ڄڻڻ جي تجربي کان پوءِ ٽرانس هيومن!‎‎

  دنيا جا سائنسدان هرروز هر پاسي کان ٽيڪنالاجي ۽ انسان کي طاقتور بڻائڻ لاءِ ڪا نه ڪا ڪرت جاري رکندا پيا اچن، مردن کي حمل ڪرائڻ واري تجربي جي ڪاميابي کان پوءِ هاڻ ٽرانس هيومن يا مختلف ڊي اين اي مليل انسان پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ۾ رڌل آهن  ٽرانس هيومن ڪيئن ٺاهيو ويندو؟ ٽرانس هيومن ٺاهڻ لاءِ مختلف انسان جو ڊي اين اي کڻي ٻين ڊي اين ايز سان ملائي هڪڙو اهڙو انسان پيدا ڪيو ويندو جيڪو طاقتور، چالاڪ، ڦڙتيلو، سهڻو، باز جيان ڊگهي نظر يا ڊگهي عمر رکندڙ هجي. 2015ع ۾ برطانيا ۾ هڪڙو اهڙو ڪامياب تجربو ڪيو ويو، جنهن ۾ ٽن ماڻهن جي ڊي اين اي گڏائي هڪ ٻار پيدا ڪيو ويو، گڏيل ڊي اين اي مان ٻار پيدا ڪرڻ کان پوءِ سائنسدانن مختلف جانورن هاٿي، اٺ، شينهن، باز ۽ چيتي سميت مختلف خوبيون رکندڙ جانورن، پکين جا ڊي اين اي گڏائي هڪ اهڙو انسان پيدا ڪرڻ پيا وڃن جنهن ۾ سڀن جانورن پکين جون خوبيون هجن. ٽرانس هيومن پيدا ڪرڻ ۾ اهڙيون دماغي تبديليون پڻ آنديون وينديون جنهن ۾ انسان پريشان يا اداس نه ٿئي، هميشه خوش رهي، هزارين سالن تائين جي سگهي، دنيا جون ڪيتريون ئي ميڊيڪل يونيورسٽيون ان ڊوڙ ۾ شامل آهن، جيئن اڳ ۾ ايڇ پلس هيومن ڪير ٿو ٺاهي، خاص ڪري آمريڪا جي ملٽري ادارو جيڪو پنهنجي فوج ۾ سپر هيومن شامل ڪرڻ ٿو چاهي، جيڪڏهن اهو تجربو ڪامياب ويو ته ايندڙ سئو سالن ۾ ٽرانس هيومن ۾ وڌارو اچي ويندو ۽ ٽرانس هيومن اڳيان فطري طور پيدا ٿيندڙ انسان ايئن هوندو جيئن اڄ جي انسان اڳيان ڀولڙا، دنيا جا ڪيترائي انسان ان منصوبي جي مخالفت ڪندي چون ٿا ته ٽرانس هيومن تجربي ۽ عام انسان حالت جنگ ۾ آهن، دنيا جي ماڻهن کي ان منصوبي جي مخالفت ڪري ان منصوبي تي ٿيندڙ تجربا بند ڪيا وڃن.

عبدالله شيخ/نيوڇور

جيل جي ڊائريءَ جا ورق!

                 اڄ مون لک ڪوشش ڪئي ته جھڙا ٽوسٽ امڙ ٺاهيندي هئي اهڙا ٺاهي دوستن سان گڏ کاوان پر آئون اهڙا Toast ٺاهڻ ۾ ڪامياب نه ويس، شايد بيضا ۽ کير مون زيان ڪري ڇڏيا. مون زندگيءَ ۾ امڙ کان تمام گھڻو ڪجھه سکيو آهي، مون کي هوا ۾ امان جي پياري خوشبو اچڻ لڳي آهي، آئون اُميد ٿو ڪريان ته جلد امان جي قبر مبارڪ تي وڃي حاضري ڀريندس، پياري دوست محمد خان پنهور صاحب جو ميرپورخاص سينٽرل جيل مان خط آيو، هو مون کي ڏاڍو ياد ڪري ٿو، محمد خان هڪ بهترين دوست آهي جنهن سان تمام سٺو وقت گذريو، اسان ٻئي وارڊ جي پارڪ ۾ شام ۽ صبح سٺو وقت گذاريندا هئاسين، ان کان سواءِ خط ۾ پروفيسر گلزار احمد بروهي صاحب، سردار عبدالرشيد خاصخيلي صاحب، ڊاڪٽر مهتاب حسين لغاري صاحب، سڪندر پريو صاحب، عاشق لغاري صاحب ياسين مري صاحب، حاجي عدل مري صاحب ۽ رئيس صديق قمبراڻي صاحب، سردار روشن ڏاهري صاحب، نبي بخش کوسو صاحب جن جا به مون کي قرب وارا سلام مليا، جيڪي آئون دل جي گھراين سان قبول ڪيان ٿو، محمد خان وڌيڪ لکيو ته هي سڀ ساٿي وڏي شوق سان منهنجي جيل ڊائري پنهنجي اخبار ۾ پڙهندا آهن، آئون توهان سڀن جو دل جي گھرائين سان ٿورائتو آهيان جو توهان مون کي خط لکي عزت ڏني، آئون ابلي اُستاد جي اچڻ جو به بيتابيءَ سان انتظاري آهيان. هن وقت کوليءَ جي مٿان چنڊ چمڪي رهيو آهي، سڀ هانڊي وال ڊرامو ڏسي رهيا آهن، پري ڪٿان ڪتن جي ڀونڪڻ جو آواز اچي رهيو آهي، ٿڌ به وڌي وئي آهي ۽ ماڪ پوڻ جا آثار به آهن.

آصف غلام رسول ڇلگري/سينٽرل جيل حيدرآباد (13 ڊسمبر 2021 رات جا 10:04 وڳا)

قيديءَ جي ڊائري!

  اڄ سوير اٿياسين، جھڙالي موسم جي ڪري سيءُ به ڪجھه گھڻو آهي، سڀ ساٿي ڪمبلن ۾ ويڙهجي ويا آهن پر مون زوريءَ آصف کي کوليءَ کان ٻاهر ڪڍيو، باقي ساٿي يعني غلام حسين (منهنجو ننڍو ڀاءُ) ۽ نواز ڪچهريءَ ۾ گم هئا، آڄ جي ڪاري ڏينهن جي ڪري قيدين جي چرپر به محدود آهي، ٻاهرين دنيا ۾ اسان آچر جي ڏينهن اچڻ جو بي صبريءَ سان انتظار ڪندا هئاسين پر هتي اسان آچر جي ڏينهن کان توبهه ڪندا آهيون، خير پارڪ ۾ ويٺا هئاسين ته هڪ ڪم واري قيدي صدام لاشاري اچي سلام ورايو ۽ ٻڌائڻ لڳو ته هو لاڙڪاڻي مان حيدرآباد مزدوري لاءِ آيو هو پر پوليس وارن کي بي سبب مختلف ڪيسن ۾ چالان ڪري ڇڏيو. هُن ٻڌايو ته هُو انٽر پاس آهي ۽ ماءُ پيءُ جو اڪيلو سهارو آهي جيڪي في الحال دربدر آهن، هن کي ڀائو آصف ڇلگريءَ چيو ته پنهنجي وڪيل کي چئو ته تنهنجي ضمانت ڪرائي ته لاشاري چيو ته مون وٽ صابڻ خريدڻ جا پئسا ناهن ته وڪيل ڪٿان ڪيان؟ اهڙا خبر ناهي ڪيترا قيدي آهن جيڪي مختلف ضلعن جا حيدرآباد جيل ۾ قيد آهن پر انهن وٽ ڪو به وڪيل ناهي، انهن کي پوليس سال جو ٽارگيٽ پورو ڪرڻ لاءِ بي گناهه پڪڙي جيل ڀيڙو ڪندي آهي. اصل ڏوهارين ۾ هٿ وجھندي ته پوليس سئو ڀيرا سوچيندي آهي پر هتي ننڌڻڪا شهري ڄڻ ته ڪنهن ڍور جا ڦر هجن، ڪاش جج صاحب انهن جي ڪيسن تي نظرثاني ڪن ۽ ڇڙواڳ پوليس کي لغام ڏئي پنهنجي حدن ۾ رکن. شام جو پارڪ مان گلاب جا گُل ٽوڙي کوليءَ ۾ کڻي آياسين جنهن جي خوشبو سان پوري کوليءَ ئي واسجي وئي، ميرپور خاص جيل مان آصف ڏي محمد خان پنهور جو خط آيو آهي جنهن ۾ اسان سڀن لاءِ کبه کوڙ سلام لکيل هئا، آصف ٻڌايو ته محمد خان پنهور هُن جو ڀائرن جھڙو دوست آهي،منهنجي دعا آهي ته شل محمد خان عزت واري آزادي ماڻي پنهنجي گھر هليو وڃي.(جاري)

دلدار علي بخش وساڻ/سينٽرل جيل حيدرآباد

منڇر جو اوج ۽ آهون!

(حصو پهريون)

  منڇر ڍنڍ بابت وقت به وقت ٽي وي ۽ اخبارن ۾ ڊاڪيومينٽريز، فلمون ۽ رپورٽون پيون اينديون آهن پر منڇر ڍنڍ جي جوانيءَ جو اوج اڄ تائين ڪنهن کي شايد معلوم نه هجي، تازو هڪ ٽي وي پروگرام تي منهنجي نظر پئي جنهن ۾ منڇر جو ڪجھه ذڪر ٿيو، جيڪو بوبڪ ثاني بند منڇر تي هلي رهيو هو؛ جنهن ۾ عبدالله محال، حُتو ملاح ۽ فشريز فورم جو نائب صدر مصطفيٰ ميراڻي تاثر پيش ڪيا. اصل ۾ مصطفيٰ ميراڻي جا وڏا اصل منڇر جا مالڪ هئا، جن ۾ وڏيرو ڪوڙو خان، حاجي المورايو، حاجي عاربو، حافظ ڪدو ۽ ملنگھه جنهن کي انگريز حڪومت جي وقت پنهنجو سڪو ٺاهڻ جي اجازت مليل هئي ۽ حاجي عارب جو ان وقت بنگلو آريسراءِ مياڻي ۾ هو جيڪا مياڻي اڄ مٽيءَ جا دڙا بڻيل آهي. بند منڇر ثاني بوبڪ کان هڪ ميل منڇر اندر دانستر واهه جي ٻنهي ڪپرن تي زيرو مياڻي هوندي هئي جتي 200 کن گھر ۽  100 کان مٿي وڏيون ٻيڙيون هيون، جن ۾ پڻ ملاحن جا گھر هئا، جن ۾ ملاح ٻارن ٻچن سميت رهندا هئا ۽ اها مياڻي بوبڪ ۽ شاهه هسڻ  جو هڪ پتڻ سڏبو هو ۽ اها مياڻي بوبڪ زيرو مياڻيءَ جي نالي سان سڏبي هئي. ان وقت جا سياح اڪثر انهن مياڻين تي ايندا هئا ۽ اتان پاتڻي، گائيڊ انهن سياحن کي ٻيڙين ۾ کڻي منڇر جو سير ڪرائيندا هئا، ڪجھه گائيڊ جھڙوڪ شمن، اميد علي ان جو ڀاءُ گُلو ۽ انهن جا وڏا اصل کان سياحن لاءِ پنهنجون ٻيڙيون سجائي سينگاري بيٺا هوندا هئا، اهي سياح سمورين ڀارت جنهن ۾ پاڪستان به شامل آهي، لاهور، پشاور، ڪوئيٽا، ڪراچي، دهلي، آگرا، ڪلڪلتو، بمبئي کان سواءِ يورپ، انگلينڊ، جپان جا انگريز ايندا هئا، جن کي اسان گورا ۽ گوريون سڏيندا هئاسون ۽ انهن گورين کي اسان نيرڳ پکيءَ جي نر جي پڇ جو کنڀ ڏيندا هئاسون جيڪي گوريون شوق سان وٺي ڪنن جي پاسي ڳلن جي مٿان وارن ۾ هڻي اسان کي انعام طور پئسا ٽڪا ڏيندا هئا ۽ اسان ٻار خوش ٿي گھر ڀڄندا هئاسين.(جاري)

حاجي غلام حسين ڀلائي عرف حاجي ڀلائي/ سينٽرل جيل حيدرآباد

آئون هڪ مظلوم قيدي آهيان!

  حقيقت ۾ آئون هڪ مظلوم قيدي سان گڏ هڪ رحمدل انسان به آهيان پر الائي ڇو هاڻي سينٽرل جيل حيدرآباد جا سڀ قيدي هن زندان ۾ مون کي چريو ۽ پاڳل سمجھن ٿا، شايد اهو ان لاءِ ته آئون حقيقتن کان تمام پري نڪري ويو آهيان ۽ هنن کي اهو ڏسڻ ۾ نٿو اچي ته آئون پاڳل چرو نه پر محبت ڪندڙ قيدي محمد ايوب رسول خبش بروهي آهيان، شايد هنن جون اکيون مون کي سڃاڻن کان انڪار پيون ڪن ۽ جيڪڏهن هو هميشه جيان مون کي پنهنجي دوستيءَ جي لائق نه سمجھن ته ممڪن آهي ته ڪنهنجي سماجي شخصيت ۾ ڪافي واڌارو اچي ۽ ڪجھه بهتر محسوس ڪيان، جيتوڻيڪ هو مون تي ٺٺوليون به هر ڏينهن ۽ هر رات ڪندا رهن ٿا، تڏهن به آئون ساڻن گڏ ويهندو آهيان ۽ هنن کان ڪاوڙ ناهيان ڪندو، ايترو ڪجھه مون سان ٿيڻ بدران به مون کي پوءِ به مٿن پيار اچي ٿو ڇو ته زندان ۾ سڀ مون وانگي مظلوم ئي آهن، اهي سڀ قيدي ڄڻ منهنجا ڀائر آهن، اهو سڀ ڪجھه مون سان ڪرڻ کان پوءِ به هو مون کي تمام ڏاڍو وڻن ٿا، ڇو ته آئون پاڻ سينٽرل جيل حيدرآباد جو قيدي ٿي جيڪڏهن سندن حالت ڏسي ڏکارو نه ٿيا ته هنن ۽ مون ڪي پوءِ فرق ڪهڙو رهندو، اهو ڏسي هنن سان گڏ ويهي پاڻ تي ڏاڍو لکندو به آهيان ڇو ته سندن خوشيءَ به مون کي تمام گھڻي عزيز آهي. اهو ان لاءِ ته هو مون کي پيارا به آهن هو نئن به آئون بلڪل ڏکارو ۽ مظلوم قيدي آهيان ڇاڪاڻ ته مون کي خبر آهي ته حقيقت ۾ سچائي ڇا آهي؟ جنهن جي کين خبر ئي ڪونهي. اف خدايا اها ڪيڏي نه ڪڙي حقيقت به آهي ته سچ کان آشنا ٿي ڪو به هيڪلو قيدي ڏاڍو ڀوڳي ٿو پر ڇا ڪجي هو اهو سڀ ڪجھه به سمجھي نٿا سگھن ڪڏهن به نه… ته آئون هڪ مظلوم قيدي آهيان صرف مظلوم قيدي.

سردار محمد ايوب بروهي/سينٽرل جيل حيدرآباد