ملڪ ۾ 9 مهينن کانپوءِ ڪورونا ڪيسز جي شرح ۾ واڌ رڪارڊ

0
230
ملڪ ۾ 9 مهينن کانپوءِ

ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) عالمي وبا ڪورونا سبب پاڪستان ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 5 ڄڻا فوت ۽ 6808 نوان ڪيس سامهون آيا آهن

پاڪستان ۾ ڪورونا جي انگن اکرن جي ويب سائيٽ (covid.gov.pk) موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ 58943 ڪورونا ٽيسٽ ڪيا ويا، جن مان 6808 ماڻهن ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي ۽ 5 وڌيڪ ماڻهو وائرس سبب موت جو شڪار ٿي ويا

ملڪ ۾ ڪورونا جي مثبت ڪيسز ۾ ڪراچي پهرين نمبر تي

سرڪاري پورٽل موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي شرح 11.55 سيڪڙو رهي

ياد رهي ته پاڪستان ۾ گذريل سال 20 اپريل تي ڪورونا جا 11 سيڪڙو کان وڌيڪ ڪيس 11.68 سيڪڙو رڪارڊ ڪيا ويا هئا

اين سي او سي موجب ڪورونا سبب فوتين جو انگ 29 هزار 42 ٿي ويو آهي جڏهن ته متاثرن جو انگ 13 لک 45 هزار 801 ٿي ويو

گذريل 24 ڪلاڪن دوران 426 ڄڻا ڪورونا مان صحتياب ٿي ويا آهن، جنهن کانپوءِ ملڪ ۾ وبا مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 12 لک 65 هزار 665 ٿي ويو آهي

ھي به پڙھندا

ڪراچي ۾ ڪورونا بي قابو، شرح 40 سيڪڙو کان وڌي وئي