حڪومت جو فوجداري قانون ۾ وڏي پيماني تي تبديلين جو فيصلو

0
292
اسلام آباد مارچ جي

ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) وفاقي حڪومت فوجداري قانون ۾ وڏي پيماني تي تبديليون ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ذريعن موجب وزيراعظم عمران خان فوجداري قانون ۾ وڏين تبديلين جي منظوري ڏئي ڇڏي، قانون ۾ تبديلين کانپوءِ ايس ايڇ او ٿيڻ لاءِ هاڻي بي اي جي ڊگري گهربل هوندي، جڏهن ته ڪيسن جو فيصلو 9 مهينن ۾ ڪرڻو پوندو، جيڪڏهن نه ٿيو ته لاڳاپيل جج هاءِ ڪورٽ آڏو جوابده هوندو

ان کان علاوه سڄي ملڪ جي پوليس اسٽيشنن کي اسٽيشنري، ٽرانسپورٽ ۽ ٻين ضروري خرچن لاءِ حڪومت کان فنڊ ملندا، جڏهن ته عام ڏوهن جي سزا 5 سالن کان گهٽائي 6 مهينا ڪئي ويندي

پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس

قانون واري وزير فروغ نسيم 600 کان وڌيڪ نقطن تي بريفنگ ڏيندي چيو ته قتل، زيادتي، دهشتگردي، غداري ۽ سنگين ڪيسن ۾ پلي بارگين نه ٿي سگهندي

ان کان علاوه، قانون ۾ تبديلين بعد موبائل فوٽيجز، فوٽوز، آواز جي رڪارڊنگ ۽ جديد ڊوائيسز کي ثبوت طور تسليم ڪيو ويندو

ترميمن کي ايندڙ هفتي منظوري لاءِ ڪابينا ۾ پيش ڪيو ويندو ۽ امڪاني طور تي اربع تي پارليامينٽ ۾ پيش ڪيو ويندو