ڪراچي ۾ ڪورونا بي قابو، شرح 40 سيڪڙو کان وڌي وئي

0
203
ڪراچي ۾ ڪورونا

ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) ڪراچي ۾ اڃا تائين ملڪ ۾ ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي شرح سڀ کان وڌيڪ آهي، صحت واري وفاقي وزارت موجب گذريل ڏينهن ڪراچي ۾ 7232 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان 2902 ماڻهن ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي ۽ اها شرح 40 سيڪڙو کان وڌيڪ رهي

هن کان علاوه مظفر آباد ۾ 21 سيڪڙو، حيدرآباد ۾ 14 سيڪڙو، اسلام آباد ۾ 12 سيڪڙو، پشاور ۾ 11 سيڪڙو ۽ راولپنڊي ۾ 10 سيڪڙو رهيو

اختيارين جو چوڻ آهي ته ڪراچي سميت ملڪ جي 7 شهرن ۾ ڪورونا ڪيسن جي مثبت شرح 10 سيڪڙو کان وڌيڪ ٿي وئي آهي

واضح رهي ته ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي شرح 9 سيڪڙو کان وڌيڪ رڪارڊ ڪئي وئي آهي