ڪراچي ۾ ڀڃ ڊاهه ۽ وڳوڙن ۾ ملوث ماڻهن جي لسٽ تيار

0
142

ڪراچي جي اسپيشل برانچ پوليس 9 مئي جي ڀڃ ڊاهه ۽ وڳوڙن ۾ ملوث 92 ڄڻن جي لسٽ تيار ڪري ورتي

وڏي وزير پاران وڳوڙن ۾ ملوث شرپسندن جي نشاندهي وارن حڪمن بعد اسپيشل برانچ پاران لسٽ تيار ڪئي وئي

ذريعن موجب وڳوڙن ۾ ملوث ماڻهن جي سڃاڻپ فٽيجز ۽ انٽيليجنس ادارن جي مدد سان ڪئي وئي

لسٽ ۾ شرپسندن جون تصويرون ۽ ايڊريس به شامل، جوابدارن جي لسٽ ۾ ايم اين اي فهيم خان، ايم پي اي راجا اظهر، ڊاڪٽر مسرور سيال، حليم عادل شيخ جو پي آر او فرحان ۽ ٻيا به شامل آهن

لسٽ ۾ شامل جوابدارن جي گرفتاريءَ لاءِ ڇاپا مار ٽيمون جوڙيون وينديون، گرفتاري يقيني بڻائڻ لاءِ لسٽ ٻين صوبن ڏانهن به اماڻي ويندي