تحريڪ انصاف ڪراچي ۾ ميئر جي چونڊ لاءِ جماعت اسلامي جي حمايت ڪري ڇڏي

0
208

تحريڪ انصاف ڪراچي ۾ ميئر جي چونڊ لاءِ جماعت اسلامي جي حمايت ڪري ڇڏي

 پي ٽي آءِ اڳواڻ ارسلان تاج چيو آهي ته پيپلزپارٽي چور دروازي ذريعي پنهنجو ميئر آڻڻ گهري ٿي، پيپلزپارٽي ۽ ايم ڪيو ايم وارا عوامي مينڊيٽ قبولڻ نه ٿا چاهين

 ڪراچي ۾ 246 يونين ڪميٽيز مان پيپلزپاٽي 104 يوسيز تي ڪاميابي سان پهرين نمبر تي آهي

 جماعت اسلامي 87 يو سيز تي ڪاميابي سان ٻئي نمبر تي آهي، تحريڪ انصاف 43 يونين ڪميٽيز تي ڪاميابي ماڻي ٽئين نمبر تي آهي

 پي ٽي آءِ ترجمان چيو ته پيپلزپارٽي اسان جي چونڊيل نمائندن کي پوليس ذريعي اغوا ڪرائي رهي آهي