روس- يوڪرين ويڙهه ۽ ايٽمي جنگ جو خطرو

0
177

علي مرتضيٰ ڌاريجو

 موجوده روس- يوڪرين جنگ سبب پيدا ٿيندڙ، ايٽمي جنگ جي وڌندڙ خطري کي، ماضيءَ ۾ ايٽمي هٿيارن ۽ انهن جي اسانجي ڌرتيءَ تي پيدا ٿيندڙ انتهائي تباھ ڪن اثرن کي نظرانداز ڪري نٿو سگهجي. ان سلسلي ۾، اها به ڪنهن لاءِ عجيب ڳالهه ٿي نٿي سگهي ته اقوام متحده جي، ڊسئارمامينٽ افيئرس، اڳ ۾ ئي ايٽمي هٿيارن کي هن ڌرتيءَ لاءِ انتهائي خطرناڪ ۽ ڀيانڪ چئي چڪي آهي، جن ۾ لکين ڪروڙين زندگين کي تباھ ڪرڻ ۽ پنهنجي رستي ۾ ايندڙ هر شئي کي تهس نهس ڪرڻ جي بي پناھ طاقت موجود ٿئي ٿي.        ڇا اسانجو گرهه، ايٽمي هٿيارن جي تباهيءَ جي سٽ سهي سگهندو؟ انسان، اٽڪل 77 سال اڳ جڏهن ايٽمي هٿيار استعمال ڪيا ته انهن ڪهڙي قيامت پيدا ڪئي ۽ جيڪڏهن هاڻ به اهڙن هٿيارن جو هڪ ڀيرو وري استعمال ڪيو ته هن ڌرتيءَ، انسانن ۽ هن گرهه تي رهندڙ ٻين جاندارن جو ڪهڙو حشر ٿيندو، ان جو هتي مختصر ذڪر ڪجي ٿو.

                 انسان، هن ڌرتيءَ تي پهريون ڀيرو ايٽمي هٿيارن جو استعمال ٻي عالمي جنگ جي آخري ڏينهن دوران ڪيو. 1945ع ۾ آمريڪا، جاپان جي ٻن شهرن هيروشيما ۽ ناگاساڪيءَ تي ايٽمي بم وسايا، جن جي پيدا ٿيندڙ موتمار اثرن سڄيءَ دنيا جي انسانن جا لڱ ڪانڊاري ڇڏيا. هڪ اندازي مطابق هيروشيما ۾ 70 هزار کان هڪ لک، 35 هزار انسان ۽ ناگاساڪيءَ ۾ 60 هزار کان 80 هزار انسان اجل جو شڪار ٿي ويا. جڏهن ته بمن جا موتمار اثر انهن جي ڦاٽڻ تائين محدود نه رهيا پر پوءِ به ڪيترن سالن ۽ ڏهاڪن تائين پنهنجا تاثير پيدا ڪندا رهيا، جهڙوڪ: ڪينسر، جنهن جي پيدا ٿيڻ جو ڪارڻ بمن جي ڦاٽڻ سبب انهن مان پکڙجندڙ ايٽمي شعاعن ۾ وائکو ٿيڻ هو. ڪيل اڀياسن مان ڏٺو ويو ته عورتن کي ڇڪيءَ اچڻ جي انگ ۾ واڌارو ٿيو ته بم جي شعاعن ۾ وائکي ٿيڻ سبب عورتون عام جام مرنديون ٿي رهيون. نه رڳو ايترو پر ايٽمي شعاعن جو تاثير ڪيترين پيڙهين تائين هلندو رهي ٿو، جنهن سان گڏ بم مان بچي ويندڙ ٻار ذهني معذور ٿي وڃن ٿا ۽ جسماني طور تي انهن جي واڌ ناقص ٿي وڃي ٿي. ايٽمي بمن ۾ يورينيم (uranium) ۽ پلوٽينيم (plutonium) جهڙا شعاعدار عنصر استعمال ڪرڻ سبب انهن نه رڳو هزارين انسانن کي اڦٽ ماري ڇڏيو ته هيروشيما ۽ ناگاساڪي شهرن کي به مڪمل طور تي کنڊرن جي ڍير ۾ مٽائي ڇڏيو. سائنسي اڀياسن مان اهو به ڏٺو ويو آهي ته ٻنهي بمن جي ڦاٽڻ دوران پيدا ٿيندڙ توانائيءَ هڪدم وڏي پيماني تي باهه جا طوفان پيدا ڪيا ۽ ماحولي غلاظت جهڙو وڏو مسئلو پيدا ٿيو، جنهن سبب نه رڳو متاثر شهرن پر آسپاس وارن علائقن جو پاڻي، هوا ۽ زمين به غليظ ٿي ويئي، جنهن جو ڪارڻ بمن مان بي تھاشا مقدار ۾ پيدا ٿيندڙ شعاع هئا، جيڪي هوا رستي هڪ هنڌان ٻئي هنڌ پهچندا ٿي رهيا. آسمان مان ڪاري برسات (black rain) وسڻ لڳي، جنهن ۾ شعاعدار مادا هجڻ ڪري عمارتن جا بنيادي ڍانچا تباھ ٿي ويا ۽ شهر ڪيترن سالن تائين ڀيانڪ ڏيک ڏيندا رهيا.اهڙين ڀوڳنائن ڪري جن مان ڪجهه اڄ به ڏسي ۽ محسوس ڪري سگهجن ٿيون، انسانذات پاڻکي هڪ ڀيرو وري به ايٽمي هٿيارن جي آڙاھ ۾ محسوس ڪري رهي آهي. روس جي يوڪرين تي حملي سبب، ٻنهي ملڪن ۾ جنگ هلي رهي آهي، جنهن ۾ يوڪرين جي مدد لاءِ يورپ جي اڀرندي اتحادين سميت آمريڪا به مدد ڪري رهيو آهي. جيئن ته جنگ ڏينهون ڏينهن زور وٺي رهي آهي، ان ڪري  روس جي صدر، يوڪرين ۾ ايٽمي طاقت جي استعمال ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني آهي. تنهنڪري ممڪن آهي ته جيڪڏهن ماضيءَ جي تاريخ ورجائيندي هڪ ڀيرو وري ايٽمي هٿيار استعمال ڪيا ويا، پوءِ ڀلي ته اهي ڪيتري به محدود ۽ ننڍي پئماني تي ڇو نه ڪجن، تڏهن به هن ڌرتيءَ جي انسان کي بيان نه ڪري سگهڻ جهڙيءَ جهنم جي باهه کي منهن ڏيڻو پوندو ۽ سڄيءَ دنيا جا رهواسي ڊپ ۽ پريشانيءَ جي سڪتي مبتلا ٿي ويندا.  اڄ جي جديد دور ۾ ڪنهن به قسم جي ايٽمي جنگ ڪيتري طاقتور ۽ ڀيانڪ ٿي سگهي ٿي ۽ ان جا ڪهڙا نتيجا نڪري سگهن ٿا؟ ان سوال جي جواب ڏيڻ لاءِ رڳو ايترو ويچاريو ته هن وقت دنيا ۾ اهڙن ايٽمي هٿيارن جو جملي ڪاٿو اٽڪل 13000 آهي، جن جا 99 سيڪڙي کان وڌيڪ آمريڪا ۽ روس وٽ آهن. جڏهن ته ان کان به وڌيڪ خطرناڪ ڳالهه هيءَ آهي ته اڄ جي جديد دور جا نيوڪليائي هٿيار انهن بمن کان انتهائي گھڻا طاقتور ۽ خطرناڪ آهن، جيڪي هيروشيما ۽ ناگاساڪيءَ ۾ استعمال ڪيا ويا هئا. اهڙي ڳالهه جي تصديق برين ٽون نالي هڪ پروفيسر ڪري ٿو، جيڪو يونيورسٽي آف ڪولوروڊو ۾ وائيمنڊل ۽ سامونڊي سائنسن جو ماهر آهي. ايٽمي هٿيارن مان ايترو ته بي پناھ مقدار ۾ ڌماڪيدار مادو خارج ٿئي ٿو، جو ان جي ماپ رڳو ڪلوٽنن (kiloton، ڌماڪيدار مادي جو، 1000 ٽي اين ٽي برابر ايڪو، ٽي اين ٽي / ٽرائنائٽروٽولين هڪ هلڪو پِيلو، نهرو، نائٽروجن جو مرڪب عام طور تي ڌماڪي ڪرڻ لاءِ استعمال ڪجي ٿو) ۾ ڪري سگهجي ٿي. سائنسي ماهرن جي ڪيل حساب سان جاپان جي شهرن تي جيڪي ايٽم بم وسايا ويا، انهن مان هر هڪ مان 15 کان 25 ڪلوٽنن جيتري توانائي خارج ٿي. جڏهن ته اڄ جن قسمن جا هٿيار انسان جي هٿ ۾ آهن، انهن مان رڳو هڪڙي ايٽمي هٿيار ۾ مٿين بمن کان  ڏهوڻ تي وڌيڪ توانائي خارج ٿي سگهندي. يا اڃان به گھڻي گھڻي وڌيڪ.    مثال طور؛ ايٽم بم جي ڀيٽ ۾ هيڊروجن بم (hydrogen bombs) تمام گھڻو خطرناڪ ۽ موتمار ٿئي ٿو. اصل ۾ اهو ڪنهن به ايٽمي بم جي ڀيٽ ۾ 1000 ڀيرا وڌيڪ طاقتور ثابت ٿئي ٿو، جنهن جو مقصد ٿيو ته ڀيانڪ ڌماڪا ۽ بيشمار ماڻهن جو موت. جنهن جو وڌيڪ مدار هن ڳالهه تي هوندو ته اهڙو بم ڪهڙن ماڳن ۽ هنڌن تي هنيو ويندو ۽ ان علائقي جي آبادي ڪيتري ڳتيل هوندي، جنهن جي اندازي لڳائڻ سان لڱ ڪانڊارجي وڃن ٿا. بقول برين ٽون، “اهڙن ايٽمي هٿيارن جي ٺاهڻ ۽ استعمال ڪرڻ جو رڳو مقصد شهرن کي تهس نهس ڪرڻ ٿئي ٿو”.

ماضيءَ ۾ ڪيترين فلمن ۽ ڪتابن ۾، ايٽمي جنگين جا چٽ چٽيا ۽ منظر ڏيکاريا ويا آهن ته انهن جي نتيجي ۾ ڪيئن نه، هي گرهه ڀڙڀانگ ٿي ويندو ۽ رهڻ لائق نه رهندو، شهرن جا شهر تباھ ٿي ويندا، بنيادي ڍانچا ڍيري ٿي ويندا، کاڌ خوراڪ ۽ پاڻيءَ جي شديد قلت پيدا ٿيندي ۽ هاڃيڪار شعاعن جا بي پناھ مقدار خارج ٿيندا. جيئن ٽون ۽ سندس ساٿين پنهنجي هڪ اڀياس جو نقش پيش ڪيو آهي، جنهن مان اها ڳالهه درست ثابت ٿئي ٿي ته ننڍي پئماني تي به ايٽمي هٿيار، سنگين حالتون پيدا ڪري سگهن ٿا. ان اڀياس ۾ انڊيا ۽ پاڪستان جي ايٽمي جنگ جي انومان جو به ذڪر ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ ٻنهي ملڪن جي دشمنيءَ جي پراڻي تاريخ ۽ ننڍي پئماني تي ايٽمي هٿيارن هجڻ تي به ٽيڪا ٽپڻي ۾ انوماني تباهيءَ جو ذڪر ڪندي ٻنهي ملڪن جي، هيروشيما ۾ هنيل ايٽمي بمن جي سائيز جيترن 100 کان وڌيڪ بمن جي استعمال ڪرڻ سان 15 کان 125 ملين جي وچ تي انسان موت جي منهن ۾ هليا ويندا ۽ اهڙي خطرناڪ تباهي رڳو انسانن تائين محدود نه هوندي.       اڀياس ۾ ان ڳالهه ڏانهن به اشارو ڪيو ويو آهي ته جنگ جي حالت ۾ باهه جا اهڙا ته زبردست طوفان پيدا ٿيندا، جيڪي شهري ۽ صنعتي علائقي ۾ پکڙجي، عالمي سطح تي شين جي ايتري شديد کوٽ ۽ اهڙي بک ۽ بدحالي پيدا ڪندا، جنهن جو مثال موجود نه هوندو. جيڪڏهن اها ڳالهه به توهان جا لڱ ڪانڊاري نٿي سگهي ته، اها اڳڪٿي توهانجو ساھ مٺ ۾ ڪري سگهي ٿي ته ايٽم بمن مان پيدا ٿيندڙ باهه جي طوفانن مان ڌرتيءَ جي ٻئي نمبر وائينڊل؛ اسٽريٽوفيير ۾ ڪاريءَ دز جو ايترو ته گھڻو مقدار پيدا ٿيندو، جنهن سبب عالمي گرمي پد ۾ 2 کان 5 ڊگرين سينٽي گريڊن تائين (35.6 کان 41 ڊگريون ف) ٽمپريچر گھٽجي ويندو.مٿين ڪيل اڀياسن مان جيڪا جهلڪ ملي ٿي، انهن مان اهوئي ثابت ٿئي ٿو ته ننڍڙي پئماني تي ايٽمي يا نيوڪليائي جنگ جا اسانجيءَ ڌرتيءَ تي تباھ ڪن ۽ خطرناڪ اثر پيدا ٿي سگهن ٿا.جڏهن ته روس جي  ايٽمي طاقت جي استعمال ڪرڻ جو خطرو به اهڙي ڀيانڪ ڳالهه آهي، جنهن جو ڪو مثال ٿي نٿو سگهي ته ان جي استعمال سان اڄ جي دنيا جو ڪهڙو منظر هوندو. ڇاڪاڻ ته ڪنهن به قسم جي ايٽمي جنگ سان هن دنيا جو نقشو مڪمل طور تي مٽجي ويندو، جيڪا ڪنهن  به صورت ۾ سٺي ڳالهه نه هوندي. اهو ئي سبب آهي جو دنيا جا ايٽمي ملڪ گذريل 70 سالن کان وڌيڪ عرصي تائين هڪ ٻئي خلاف اهڙن ڀيانڪ هٿيارن جي استعمال ڪرڻ کان لنوائيندا رهيا آهن. اميد آهي ته، انسانذات اهڙن موتمار ۽ ڀيانڪ هٿيارن  جي استعمال کان سدائين پرهيز ڪندي رهندي.