ڪراچي ۾ رتوڇاڻ جي سازش ته نه پئي ٿئي؟

0
182
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

سنڌ جنهن  ويجهي ماضي ۾ بدامني مان جان ڇڏائي مس مس سک جو ساهه کڻڻ شروع ڪيو هو انهي ۾ وري بدامني ڪر کڻي رهي آهي،انهي سنڌ جو گادي وارو هنڌ وري خاص نشاني تي آهي.ڪراچي ۾ ڪجهه وقت اڳ  تائين هڪڙو ڪهرام متل هوندو هو،جنهن ۾   مقامي ڏوهارين کان وٺي ڄڻ عالمي مافياز ۽ دهشتگردن جوهٿ هوندو هو اتي ڪجهه وقت جي ٺاپر کانپوءِ  وري ڏوهه وڌي رهيا آهن ۽ اهو ڊپ ورائي ويو آهي  ته ڪٿي اهو شهر هڪ ڀيرو ٻيهر  ڪن مافياز جي مفادن جي ور نه چڙهي ۽ روشنين جي شهر ۽ مني پاڪستان طور مشهوري ماڻيندڙ مورڙي ميربحر جو ماڳ واڳن جي مات  نه اچي وڃي.هن شهر ۾  امن بحال ڪرائي ان جون روشنيون ۽ زندگي موٽائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي هئي  اهي وري رائيگان نه ٿي وڃن.

ڪراچي کي معمول جي زندگي ڏانهن موٽائڻ لاءِ نه ڄاڻ ڪيتريون زندگيون قربان ڪرڻيون پيون تڏهن وڃي اتي ماڻهن سک سان رهڻ جهڙا ٿيا، پر اوچتو ئي اوچتو وري ڄڻ ته ڪراچي ماضي ڏانهن موٽ کائي رهيو آهي جتي اسٽريٽ ڪرائيم کان وٺي ٽارگيٽ ڪلنگ جهڙا واقعا ٿي رهيا آهن. ڪجهه وقت اڳ هڪ پروفيسر جو قتل هاڻي وري هڪ نامياري وڪيل جو قتل اهو ثابت ڪري رهيا آهن ته اهي پيشيور قاتل جيڪي آپريشن يا قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ پوليس جي سرگرم ٿيڻ ڪري  لڪي يا ڀڄي ويا هئا وري ٻرن مان نڪرڻ شروع ٿي ويا آهن.

عام ڏوهاري وارداتن کان وٺي اهڙا قتل جا واقعا ٿي رهيا آهن جيڪي ٽارگيٽ ڪلنگ جي ياد ڏياري رهيا آهن. ڪراچي ڪو معمولي شهر ناهي اهو سنڌ جي گادي جو هنڌ هئڻ سان گڏ تضادن سان ڀرپور شهر آهي، جتي مقامي سياست کان وٺي عالمي طور سياسي اٿل پٿل  جا اثر پون ٿا، اتي پروفيشنل ڏوهارين کان وٺي عالمي دهشتگرد به انهي شهر کي پنهنجو ٺڪاڻو ٺاهي ويٺا آهن.عالمي مفاد رکندڙ ڌريون به انهي شهر جي حيثيت کي پنهنجي مقصد لاءِ استعمال ڪنديون رهيون آهن ته لساني سياست ڪندڙ ڌريون پنهنجي ڪڌن ڪمن لاءِ ڪتب آڻينديون رهيون آهن، ڇاڪاڻ ته تقريبن ڏيڍڪروڙ آبادي جو شهر بندرگاهه رکڻ سميت ملٽي نيشنل ڪمپنين جي آماجگاهه هئڻ ڪري هي شهر  سڄي دنيا جي اکين ۾ آهي.

انهي ڪري اتي ٿيندڙ عام ڏوهه کي به جيڪڏهن عالمي سازش يا انهن جي مقصدن سان ڳنڍي ڏسجي ته غلط نه ٿيندو.سنڌ بار ڪائونسل جي سيڪريٽري عرفان مهر جو قتل به ڪا ڦر جي عام واردات ناهي. سڌي سنئين ٽارگيٽ ڪلنگ ۽ دهشتگردي نظر اچي رهي آهي. هن جو محرڪ جهيڙو هجي، لساني قتل يا  پروفيشنل رقابت يا ڪجهه ٻيو پر هڪ ڳالهه واضح آهي ته هي شهر اڄ به قاتلن، سوپاري ڏيندڙ، وٺندڙن، ٽارگيٽ ڪلرز۽ دهشتگردن جي پناهه گاهه بڻيل آهي .هي هڪ فرد نه پر پوري خاندان جو قتل آهي ۽ ڪراچي جي امن کي خراب ڪرڻ جي سازش لڳي ٿو، هن قتل جي مذمت ڪافي ناهي. هي قتل  حڪومت پوليس ،رينجرز ۽ ٻين سيڪيورٽي ادارن جي ڪارڪردگي تي سواليه نشان آهي جنهن جو جواب اچڻ تمام ضروري آهي.

ڇاڪاڻ ته اهو هن شهر جو ماضي رهيو آهي ته هڪ حادثو به لساني باهه ڀڙڪائي سگهي ٿو.ڪراچي پاڪستان ۽ سنڌ جي شهه رڳ آهي انهي شهر کي ڌارين جي آمجگاهه بڻائڻ سبب به ڏوهي وارداتون وڌنديون رهيون آهن ڇاڪاڻ ته سڄي دنيا جا پناهگير بنا ڪاغذن جي غير قانوني طور انهي شهر ۾ ترسي پون ٿا ۽ ڪير انهن کي چوڻ آکڻ وارو نه هوندو آهي جڏهن ته مقامي ۽ صوبي جي رهواسين جا   ڪاغذ ٺهرائڻ، تعليمي ادارن ۾ داخلائن ۽ نوڪرين ۾ به رنڊڪون وڌيون وينديون رهيون آهن .

اسان سمجهون ٿا ته ڪراچي ۾ امن قائم رکڻ پيپلزپارٽي جي اهم ذميواري آهي ڇاڪاڻ ته اها هن صوبي ۾ تيرنهن سالن کان حڪومت ۾ آهي ۽ ڪراچي کي پنهنجو سياسي ڳڙهه بڻائڻ جون به ڪوششون ڪري رهي آهي. لساني سياست ڪندڙ ڌريون سدائين سنڌ حڪومت تي ڪراچي کي نظرانداز ڪرڻ جا الزام لڳائي پنهنجي سياست کي هٿي ڏينديون رهيون آهن.هي قتل ڪو عام قتل ناهي جو هڪ ٻن ڏينهن جي جاچ کان پوءِ انهي کي وساري ڇڏجي، تنهن ڪري سنڌ حڪومت، رينجرز، پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ سڀئي ڌريون انهي قتل جا پيرا کڻي جاچ ڪري اصل ڏوهارين کي سامهون آڻين ۽ ڪراچي کي هڪ ڀيرو ٻيهر رتو ڇاڻ حوالي ڪرڻ جي سازشن کي ناڪام بڻائين.