بلڊنگس آرڊيننس سڄي سنڌ ۾ لاڳو هوندو، گورنر کي آرڊيننس پڙهڻ بعد بيان ڏيڻ گهرجي: سعيد غني

0
257
مڪاني چونڊون جلد ڪرائڻ لاءِ گوڙ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۾ غيرقانوني رهائشي عمارتن کي قانوني قرار ڏيڻ واري آرڊيننس تي گورنر ۽ صوبائي حڪومت آمهون سامهون اچي ويا، سنڌ ڪابينا جي اجلاس بعد  ميڊيا سان ڳالھائيندي صوبائي وزير سعيد غني چيو ته بلڊنگس آرڊيننس سڄي سنڌ ۾ لاڳو هوندو، گورنر سنڌ کي آرڊيننس پڙهڻ بعد بيان ڏيڻ گهرجي، پي ٽي آءِ جا وزير رڳو اداڪاري ڪن ٿا، پنجاب 6 هزار غيرقانوني اسڪيمز کي قانوني قرار ڏيڻ لاءِ ڪميشن جوڙي آهي، تنقيد ۽ واويلا رڳو سنڌ حڪومت جي  قدم تي ڪئي ويندي آهي

پريس ڪانفرنس دوران صوبائي وزير سعيد غني وڌيڪ چيو تھ سنڌ حڪومت آرڊيننس آڻي ٿي ته اعتراض ڪيو وڃي ٿو، گورنر کي آرڊيننس جو پهرين مطالعو ڪرڻ گهرجي، پي ٽي آءِ اڳواڻ متاثرن کي اڪساهن ٿا ته احتجاج ڪريو، سنڌ حڪومت عوامي مفادن ۾ آرڊيننس جاري ڪيو آهي، آرڊيننس سان غريبن جا اجها ڊهڻ کان بچي ويندا، بلڊنگ آرڊيننس سڄي سنڌ ۾ لاڳو ٿيندو، لوڪل گورنمينٽ آرڊيننس تي گهڻو گوڙ ڪيو ويو، اپوزيشن کي اعتراض آهي ته ڳالهين لاءِ تيار آهيون

صوبائي وزير سعيد غني چيو تھ مڪاني حڪومت کي وڌيڪ اختيار ڏيڻ چاهيون ٿا، ميئر لاءِ ضروري ناهي ته اهو ڪائونسل جو ميمبر هجي، چاهيون ٿا ته  صوبائي ۽ مڪاني حڪومت پنهنجو پنهنجو  ڪم ڪري، سالڊ ويسٽ جو قانون به تبديل ڪرڻو پوندو، ماڻهن جي زمين جو فيصلو ڪميشن ڪندي، صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته وڪيل اڳواڻ عرفان مهر جي قتل ۽ ڦر جي وارداتن تي وڏي وزير ڪالهه پوليس سان ڳالهايو آهي، ڪراچي جي ٽن مان ٻه ڊي آءِ جي بدلي ٿي ويا، 22 مان 12بدلي ڪيا ويا ته فرق پوندو ۽ پيو به آهي

هن چيو ته بدقسمتي سان ڪروڙين روپين جا جعلي اشتهار ڇپرائڻ ۾ عدالت جو عملو ۽ انفارميشن کاتي جا ماڻهو به ملوث هئا، انڪوائري ڪرائيندسين ۽ سرڪاري کاتن جا لوگو استعمال ڪندڙن کي ايئن نٿا ڇڏي سگهون، سعيد غني چيو آهي ته ميئر يا چيئرمين چونڊجڻ لاءِ ڪو ٻاهريون ماڻهو اچي سگهي ٿو پر ان کي اها چونڊ کٽڻي پوندي، بلدياتي نظام بابت قانون تي ڪو ضد ناهي، ڳاله ٻولهه ٿي سگهي ٿي، هن چيو آهي ته واٽر بورڊ، سالڊ ويسٽ ۽ بلڊنگ اٿارٽي جا الڳ الڳ قانون آهن، انهن ۾ مڪاني ادارن جي ڪنهن نمائندي کي شامل ڪرڻ لاءِ انهن جي قانونن ۾ ترميم ڪرڻي پوندي

هن چيو آهي ته تعميراتي بابت ڪميشن قائم ڪرڻ ۽ قانونسازي لاءِ گورنر خط کي لکيو آهي، هاڻي حڪومت 6000 غيرقانوني اسڪيمن جي جائزي لاءِ ڪميشن جوڙي آهي، بني گالا غيرقانوني هو، 22 لک ڏنڊ ڀريو ۽ ريگيولر ڪرايو ويو، آرڊيننس گورنر پڙهي ڏسي پوءِ ڳالهائي، هن چيو آهي ته غيرقانوني قبضا ڪرائيندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، مصطفيٰ ڪمال ۽ ايم ڪيو ايم کان ڪير پڇي ڇو نٿو، انهن اهي ڪم ڪيا آهنم اسان هر شي اسمبلي ۾ کڻي ٿا اچون، هينئر اسمبلي ناهي ۽ ماڻهن جا گهر بچائڻا آهن ته آرڊيننس کڻي آيا آهيون

سپريم ڪورٽ ۽ ٻين عدالتن جا فيصلا سٺا لڳن يا نه اسان ان تي عمل ڪرڻ جا پابند آهيون، اهڙي ڪنهن فيصلي سان ماڻهن ۡجا اجها کسيا وڃن ته منهنجو ضمير گواهي نٿو ڏي ته وزارت جپ انجواءِ ڪريانۡ۽ اسمبلي ۾ ويهان، اهو منهجو ذاتي فيصلو هو، جيستائين ڪميشن جائز يا ناجائز اڏاوتن جا فيصلا ڪري تيستائين حددخلين جو آپريشن روڪي ڇڏيون، سپريم ڪورٽ جيڪو چوي ٿي ته دفاعي مقصدن لاءِ ورتل زمين انهي لاءِ استعمال ناهي ٿي ته اهو سئو سال اڳ جي زمين ڏنل هوندي

سعيد غني چيو آهي ته ڪراچي ۾ 47000 هزار ميرٽ تي تعليم کاتي ۾ ڀرتيون ڪيون آهن، چاهيون ها ته سڀني وزيرن ۽ ايم پي ايز کي خوش ڪري ڇڏيون ها، پاسنگ نمبرز ٿوريون گهٽايون آهن، عورتن ۽ اقليتن کي سپورٽ جي ضرورت آهي انهن کي ٿورو رليڪس ڪيو آهي، ڪهن کي نوازڻ جي ڳاله ناهي

ھي به پڙھندا

نسله ٽاور معامري تي قانون نه، انساني همدردي جي ضرورت آهي: سعيد غني