ايم پي اي اسلم ابڙو جو جو ڀاءُ ۽ ڀائيٽيو قتل، پوليس جي موقف ۾ تضاد

0
481

 

ڪراچي ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ ايم پي اي اسلم ابڙو جو ڀاءُ ۽ ڀائيٽيو مارجي ويا، 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن

 ايم پي اي اسلم ابڙو جو ڀاءُ اڪرم ابڙو پنهنجي پٽ شهريار ۽ ٻين سان گڏ گاڏي ۾ ڳوٺ وڃي رهيا هئا ته موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن مٿن فائرنگ ڪري ڏني

فائرنگ ۾ اڪرم ابڙو ۽ سندس پٽ شهريار ابڙو ٿڏي تي مارجي ويا، عبدالله ابڙو ۽ ارشاد پنهور زخمي ٿي پيا

ايم پي اي اسلم ابڙو چيو آهي ته اسان جي ڪنهن سان به دشمني نه آهي، منهنجي ڀاءُ ۽ ڀائيٽي کي ٽارگيٽ ڪري قتل ڪيو ويو

منهنجا گهر ڀاتي ٻن گاڏين ۾ جيڪب آباد وڃي رهيا هئا ته 8 جوابدارن حملو ڪيو

ذاتي دشمني هجي ها ته منهنجي سمورن گهر ڀاتين کي قتل ڪيو وڃي ها

ٻئي پاسي ڪراچي ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾زخمي ٿيل ارشاد پنهور زنده آهي، سندس وارثن جو موقف سامهون اچي ويو آهي

وارثن موقف ڏنو آهي ته پوليس پاران جاري ڪيل خبر غلط آهي، ارشاد پنهور اسپتال ۾ علاج هيٺ آهي، پوليس غلط بياني ڪئي ته ارشاد پنهور دم ڏئي ڇڏيو آهي

هي به پڙهندا

ڪراچي: عوامي ڪالوني ۾ هٿياربندن جي ڦرلٽ، پوليس پهچڻ بعد مقابلو، 2 جوابدار مارجي ويا