ملير ندي ۾ پاڻي جي سطح ۾ واڌ، ٻنهي ڪازن کي ٽريفڪ لاءِ بند ڪيو ويو

0
328

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ ۾ چوماسي جي لاڳيتن وسڪارن کانپوءِ برساتي پاڻيءَ ۾ ٻڏي ويل شهرن مان پاڻي نيڪال نه ٿيو

 جابلو پٽي ۾ برساتن بعد ملير جي مختلف علائقن جو هڪ هفتي کان شهري علائقن سان رابطو ڪٽيل آهي

 گلشن حديد لنڪ روڊ به پاڻيءَ هيٺ اچي ويو، ٽريفڪ معطل ٿي وئي، ڊفينس، اختر ڪالوني، قيوم آباد، بلوچ ڪالوني ۽ ٻين ملير ندي طرف ايندڙ رستن تي سوين گاڏيون بيهجي ويون

 علائقي واسين جو چوڻ آهي ته روڊ رستا پاڻيءَ هيٺ اچي ويا آهن، کائڻ پيئڻ جون شيون ختم ٿي ويون آهن، انتظاميا واهر ڪري، جابلو پٽي ۾ مسلسل برساتن بعد موئيدان ڊيم، ڪاٺوڙ، ڪنڊ جهنگ ۽ ٻين علائقن جو شهري علائقن سان رابطو ڪٽيل آهي، 30 کان وڌيڪ ڊيم ڀرجي ويا آهن

هي به پڙهندا

ڪراچي: عوامي ڪالوني ۾ هٿياربندن جي ڦرلٽ، پوليس پهچڻ بعد مقابلو، 2 جوابدار مارجي ويا