ڪراچي: گهر ۾ اڍائي سالن کان قيد جنسي تشدد جو نشانو بڻيل عورت بازياب

0
315
ڪراچي: گهر ۾ اڍائي سالن

ڪراچي: رنڇوڙ لائين جي بادامي مسجد جي عيدگاه پوليس اسٽيشن جي حد مان پوليس هڪ عورت کي بازياب ڪرائي ورتو آهي جنهن کي سندس ڀاءُ اڍائي سالن کان قيد ڪري رکيو هو. پوليس موجب جوابدار اقبال ولد احمد پنهنجي سڳي ڀيڻ کي اگهاڙو ڪري تشدد ڪرڻ سان گڏ ساڻس جنسي ڏاڍائي به ڪندو هو. پوليس متاثر عورت شاهين کي بازياب ڪرائي اسپتال روانو ڪيو جڏهن ته جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو آهي. پوليس ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.