دادو : رابطو ڪرڻ تي شاهاڻي برادري جي سردار واقعي کان لا علمي جو اظهار ڪندي چيو ته چوري جو واقعو پيش آيو آهي باقي مرتضي جتوئي جي هارين کي اغوا ڪرڻ بابت مونکي ڄاڻ ناهي نه اسان جا ماڻهو فيصلي تان ڦريا آهن. ڪيٽي جتوئي ۾ مينهن جي چوري تان فائرنگ ۾ شاهاڻي برادري جي ٻن ڳوٺاڻن جي قتل واقعي ۽ ڇڪتاڻ کانپوء 27 جولاء تي جتوئي ۽ شاهاڻي برادري جي ماڻهن ۾ سردار مير منظور پنهور جي سرپئچي ۾ فيصلو ٿيو هو جنهن ۾ ڊاڪٽر ابراهيم جتوئي ، جي ڊي اي اڳواڻ مرتضيٰ جتوئي، مسرور جتوئي، سردار چاڪر خان شاهاڻي ۽ ٻين برادرين جي چڱن مڙسن به شرڪت ڪئي هئي.