سپريم ڪورٽ ڀنگ لاءِ اغوا جا 3 جوابدار 18 سالن بعد آزاد ڪري ڇڏيا

0
244
نيب ترميمن خلاف پي ٽي آءِ چيئرمين جي درخواست تي فيصلو محفوظ
نيب ترميمن خلاف پي ٽي آءِ چيئرمين جي درخواست تي فيصلو محفوظ

اسلام آباد: ڀنگ لاءِ اغوا جي الزام هيٺ آيل ٽن جوابدارن کي سپريم ڪورٽ 18 سالن بعد آزاد ڪري ڇڏيو. عدالت جوابدارن عبدالوهاب ، ظهير احمد ۽ وارث علي کي شڪ جي بنياد تي آزاد ڪري ڇڏيو. جوابدارن جي وڪيل چيو ته جيل ۾ جوابدارن جي سڃاڻپ پريڊ نه ڪئي وئي، فريادي مدعي عدالت ۾ جوابدارن جي سڃاڻپ ڪئي.

جوابدارن تي الزام آهي ته هنن معيد نالي اٺن ورهين جي نينگر کي لاهور مان 2005 ۾ اغوا ڪيو هو. دهشتگردي ٽوڙ عدالت پنجن جوابدارن کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي هئي. لاهور هاءِ ڪورٽ اپيل ۾ ٻن جوابدارن رضوان ۽ اشفاق کي آزاد ڪيو هو. هاءِ ڪورٽ ٽن جوابدارن وهاب ، ظهير ۽ وارث جي عمر قيد جي سزا برقرار رکي هئي، جن کي سپريم ڪورٽ 18 سالن بعد آزاد ڪري ڇڏيو.

جسٽس سردار طارق مسعود جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.