ھمايون شريف: ڪارنهن تڪرار جو جرڳو، نوجوان تي ساڍا 8لک رپيا ڏنڊ مقرر

0
280
ھمايون شريف: ڪارنهن تڪرار

ھمايون شريف (رپورٽر) ھمايون شريف ۾ بکراڻي برادري جي ٻن ڌرين عرفان بکراڻي ۽ اڪبر بکراڻي ۾ ڪارنهن تڪرار جو جرڳو ٿيو، ڳوٺ مقدم ميهردل بکراڻي ۾ مقدم علي نواز بکراڻي، مقدم محمد نواز بکراڻي ۽ پوليس اي ايس آءِ محمد حسن بکراڻي جي سرپئچي ۾ جرڳو ٿيو.

الزام هيٺ آيل نوجوان عرفان بکراڻي مٿان 8 لک 50ھزار رپيا ڏنڊ مقر ر ڪيو ويو، الزام ھيٺ آيل ڌر ھڪ لک رپيه موقعي تي ادا ڪيو، بقايا رقم ٻن قسطن ۾ ادا ڪئي ويندي، پوليس موجب، اسان کي جرڳي بابت ڪا به خبر ناهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.