ڪراچي : گلستان جوهر ۾ حددخليون هٽائڻ لاءِ آپريشن دوران چڪريون، ڇڪتاڻ

0
183

ڪراچي: ڪراچي جي علائقي گلستان جوهر ۾ حددخليون هٽائڻ لاءِ آپريشن دوران چڪريون، رهواسين طرفان ڪي ڊي اي جي عملي ۽ پوليس تي پٿراءُ ڪيو ويو

پوليس طرفان ماڻهن کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ هوائي فائرنگ ۽ شِلنگ ڪئي وئي، ڪي ڊي اي اختيارين جو چوڻ آهي ته عدالتي حڪم تي حددخليون ۽ قبضا هٽائڻ لاءِ آپريشن ڪيو

ڪي ڊي اي اختيارين موجب گلستان جوهر ۾ اربين روپين جي پلاٽن تان قبضا ڇڏائي اصل مالڪن حوالي ڪا ويندا، بلاڪ 10 ۾ صدر عارف علوي جي پلاٽ تان به قبضو ڇڏايو ويندو

ٻئي پاسي علائقي واسين جو چوڻ آهي ته انتظاميا نوٽيس ڏيڻ بنا آپريشن ڪيو آهي، قبضا مافيا خلاف ڪارروائي ڪرڻ بدران عام ماڻهن کي تنگ ڪيو پيو وڃي، سنڌ سرڪار کي نوٽيس وٺي بيگهر ٿيڻ کان بچائڻ جي اپيل ڪئي وئي آهي

هي به پڙهندا

سنڌ ۾ وزيرن ۽ بيورو ڪريٽس کان ڪمانڊوز سيڪيورٽي واپس وٺڻ جو حڪم