ميهڙ ٽيڻو قتل ڪيس: اڳوڻي ايس ايڇ او ڪريم بخش چانڊيو جي ضمانت واري درخواست رد

0
155

دادو (رپورٽر) دادو جي عدالت ۾ ام رباب چانڊيو جي ٽن گهرڀاتين جي قتل ڪيس ۾ نامزد  اڳوڻي ايس ايڇ او جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي، ام رباب چانڊيو پيش ٿي،عدالت پاران اڳوڻي ايس ايڇ او ڪريم بخش چانڊيو جي ضمانت واري درخواست رد ڪئي وئي

عدالت ٻاهران ام رباب چانڊيو صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته عدالت اڳوڻي ايس ايڇ او جي ضمانت واري درخواست رد ڪري  ڇڏي آهي

سردار چانڊيو وارن ميهڙ ۾ اچي دهشت پکيڙڻ جي سازش ڪئي پر اسان کانئن ڊڄڻ وارا ناهيون، 25مارچ تي شاهدن جا بيان رڪارڊ ٿيندا  ۽ ان بعد جوابدار ڌر ۽ ٻين جي بيانن کانپوءِ ڪيس جو فيصلو ايندو

ام رباب چانڊيو جو چوڻ هو ته ڏوهارين جي ساٿاري، جاگيردارن ۽  ڀوتارن جي چمچاگيري ڪندڙ ايس ايڇ او جي ضمانت ٿيڻ به نه گهرجي

اسان ڪنهن به صورت ۾ ڪمپرومائيز نه ڪنداسين، ڪيس کي ڇهون سال هلي پيو، عدالتن مان انصاف جي اميد آهي، سردارن، ڀوتارن ۽ ظالمن کي نٿا ڊڄون، پنهنجي ڪيس جي 6 سالن کان پوئواري ڪري رهي آهيان

هي به پڙهندا

نام نهاد سردارن جي ڀڄڻ جا سڀ رستا بند ٿي چڪا آهن: ام رباب چانڊيو