حڪومت توشه خانه مان 300 ڊالرز کان ماليت جا تحفا کڻڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي

0
178
لاهور هاءِ ڪورٽ طرفان 1990 کان 2001 تائين توشه خانه جو سمورو رڪارڊ پڌرو ڪرڻ جو حڪم
لاهور هاءِ ڪورٽ طرفان 1990 کان 2001 تائين توشه خانه جو سمورو رڪارڊ پڌرو ڪرڻ جو حڪم

حڪومت توشه خانه مان 300 ڊالرز کان ماليت جا تحفا کڻڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي، وفاقي ڪابينا جي منظوري بعد پابندي جو فرمان جاري ڪيو ويو آهي

 توشه خانه مان ڪروڙن جون گاڏيون، گهڙيون ۽ ڳَهن سوڌو ٻيا قيمتي تحفا کڻڻ تي پابندي لڳائي وئي آهي

 صدر، وزيراعظم، ڪابينا ميمبرز، ججز ۽ سول ملٽري آفيسرز تي 300 ڊالر کان وڌيڪ ماليت جا تحفا کڻڻ تي پابندي هوندي، اُهي ڏيهي توڙي پرڏيهي شخصيتن کان تحفي طور روڪ رقم به نه وٺي سگهندا

 مجبوري ۾ ورتل ڪيش جي رقم ترت قومي خزاني ۾ جمع ڪرائي ويندي، صدر ۽ وزيراعظم سوڌو ٻين شخصيتن تي گهرڀاتين لاءِ تحفا خريد ڪرڻ تي به پابندي، سون ۽ چاندي جا سِڪا اسٽيٽ بئنڪ حوالي ڪيا ويندا، توشه خانه پاليسي جي ڀڃڪڙي تي ڪارروائي جو به فيصلو ڪيو ويو

هي به پڙهندا

توشه خانه ڪيس: عمران خان جي ضمانت نه ٿيڻ جوڳن گرفتاري وارنٽ بابت تفصيلي فيصلو جاري