ڪراچي: شهري ڦرلٽ ڪندڙ ڏوهارين مٿان گاڏي چاڙهي ڇڏي، هڪ ڦورو مارجي ويو، 2 گرفتار

0
425
ڪراچي: شهري ڦرلٽ ڪندڙ ڏوهارين مٿان گاڏي چاڙهي ڇڏي، هڪ ڦورو مارجي ويو، 2 گرفتار
ڪراچي: شهري ڦرلٽ ڪندڙ ڏوهارين مٿان گاڏي چاڙهي ڇڏي، هڪ ڦورو مارجي ويو، 2 گرفتار

ڪراچي جي علائقي سهراب ڳوٺ جي پل وٽ ڪار سوار شهري موٽرسائيڪل تي سوار 3 مبينا ڦورن کي ٽڪر هڻي ڦرلٽ جي ڪوشش کي ناڪام بڻائي ڇڏيو

پوليس عملدارن موجب ڪار جي ٽڪر ۾ ٽئي جوابدار زخمي ٿي پيا، جن کي شهرين تشدد جو نشانو بڻائڻ بعد پوليس حوالي ڪري ڇڏيو

پوليس عملدارن ٻڌايو ته اسپتال ۾ منتقلي جي دوران هڪ ڦورو دم ڏئي ڇڏيو، زخمي 2 جوابدارن جي شير الله ۽ عبدالنصير کي اسپتال ۾ طبي امداد ڏني پئي وڃي

پوليس موجب جوابدارن جي قبضي ۾ هٿيار، موبائيل فونز ۽ موٽرسائيڪل برآمد ٿي آهي، وڌيڪ جاچ جاري آهي

ٻئي پاسي نارٿ ڪراچي جي انڊه موڙ جي ويجهو به ڦورو شهرين جي هٿ چڙهي ويو، شهرين ڏوهاري کي مارڪٽ بعد پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي، سپر هاءِ وي النور سوسائٽي جي ويجهو مبينا پوليس مقابلي بعد هڪ ڏوهاري زخمي ٿي پيو

هي به پڙهندا

ڊاڪٽر بيربل گيناڻي جو قتل: اسسٽنٽ قرت العين گرفتار

ڪرمپور ويجهو ڳڙهي تيغو ۾ هٿياربندن پوليس اهلڪار کي اغوا ڪري ورتو