ڊاڪٽر بيربل گيناڻي جو قتل: اسسٽنٽ قرت العين گرفتار

0
543

ڪراچي: ڪراچي ۾ ناليواري ڊاڪٽر بيربل گيناڻي جي قتل ڪيس ۾ پوليس سندس اسسٽنٽ قرت العين کي به گرفتار ڪري ورتو آهي

گذريل ڏينهن پوليس قرت العين جي ڀاءُ کي به گرفتار ڪيو هو، قرت العين ڊاڪٽر  بيربل تي قاتلاڻي حملي وقت ساڻس گڏ ڪار ۾ موجود هئي ۽ گولي لڳڻ سبب زخمي به ٿي هئي

 پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته قرت العين ڊاڪٽر جي قتل بابت جيڪو بيان ڏنو آهي اهو مشڪوڪ لڳي رهيو آهي، قرت العين جي موبائيل فون جو ريڪارڊ هٿ ڪيو پيو وڃي

 ڊاڪٽر بيربل جي وارثن قرت العين ۽ سندس ڀاءُ جي قتل ۾ ملوث هئڻ جو شڪ ظاهر ڪيو هو، ايف آءِ آر ۾ به قرت العين ۽ سندس ڀاءُ جي ڪردار کي مشڪوڪ قرار ڏنو ويو آهي

هي به پڙهندا

ڊاڪٽر بيربل گيناڻي جي قتل ڪيس ۾ ڊرامائي رُخ