وفاقي سرڪار چيف جسٽس سميت ٽن ججز خلاف ريفرنس داخل ڪرائڻ لاءِ غور شروع ڪري ڏنو: راڻا ثناءُ الله

0
255

وفاقي سرڪار چيف جسٽس سميت ٽن ججز خلاف ريفرنس داخل ڪرائڻ لاءِ غور شروع ڪري ڏنو، وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته ٽنهي ججز خلاف ريفرنس داخل ڪرائڻ وارو معاملو غور هيٺ آهي ۽ اهڙو فيصلو ٿي سگهي ٿو، ٽنهي ججز فل ڪورٽ جي استدعا رد ڪري ڇڏي آهي

راڻا ثناءُ الله جو چوڻ آهي ته هنن پنهنجن ساٿي اڪثريتي ججز جي ڳالهه تسليم ڪرڻ کان به انڪار ڪيو آهي، اسان وٽ احتجاج جو ڪو به دڳ نه آهي

گذريل ڏينهن حڪمران اتحاد چيف جسٽس جي سربراهي ۾ جڙيل 3 رُڪني بئنچ تي بي اعتمادي ظاهر ڪندي عدالتي ڪارروائي جي بائيڪاٽ جو اعلان ڪيو هو، حڪمران اتحاد موجب چيف جسٽس اڪثريت تي اقيلت جو فيصلو مڙهڻ گهري ٿو

تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فواد چوڌريءَ چيو آهي ته عدالتي حڪمن تي عمل نه ٿيو ته سپريم ڪورٽ سڀاڻي هڪ ٻئي وزيراعظم کي به فارغ ڪري ڇڏينديپنجاب ۽ ڪي پي اسيمبليز

هڪ انٽرويو ۾ فواد چوڌري چيو ته سپريم ڪورٽ اليڪشن ڪرائڻ واري ڪيس ۾ فيصلو ڏئي چڪي آهي، هاڻي 3 رڪني بينچ رڳو عملدرآمد ڪرائيندڙ بينچ آهي، عدالتي حڪمن تي عمل نه ٿيو ته سپريم ڪورٽ سڀاڻي هڪ ٻئي وزيراعظم کي گهر ڀيڙو ڪري ڇڏيندي

پنهنجي هڪ ٽويٽ ۾ فواد چوڌري چيو ته پي ٽي آءِ نون ليگ جي پارٽي رجسٽريشن رد ڪرائڻ لاءِ ريفرنس تي غور ڪري رهي آهي، هڪ روپوش جوابدار اليڪشن ايڪٽ جي سڌي سنئين ڀڃڪڙي ڪندي هن پارٽيءَ جا فيصلا ڪري رهيو آهي، نون ليگ سپريم ڪورٽ کي تسليم نه ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، اهو اعلان پاڻ آئين جي آرٽيڪل 6 جي زد ۾ آهيشاهه محمود قريشي لاهور

تحريڪ انصاف جي وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته لڳي ٿو حڪمران ججز تي دٻاءُ وجهڻ لاءِ ريفرنس داخل ڪرائڻ وارا آهن، نون ليگ هڪ ڀيرو ٻيهر آئين تي حملو ڪيو آهي، ذوالفقار علي ڀٽو جو ڏنل آئين اڄ زردارين جي نشاني تي آهي

شاهه محمود قريشي چيو ته آئين ۽ عدليه جي تحفظ لاءِ سياسي جماعتن، وڪيل برادري ۽ سول سوسائٽي کي آواز اٿارڻ گهرجي، جماعت اسلامي، مجلس وحدت المسلمين ۽ طاهرالقادري جي جماعت سهڪار جي خاطري ڪرائي آهي، ايم ڪيو ايم سميت سنڌ جي ٻين جماعتن سان به رابطا ڪري رهيا آهيون

هي به پڙهندا

نواز شريف کي ملڪ نه چوري بچائڻ جو فڪر آهي، چونڊون نه ٿيون ته روڊن تي اينداسين: عمران جو اعلان