نواز شريف کي ملڪ نه چوري بچائڻ جو فڪر آهي، چونڊون نه ٿيون ته روڊن تي اينداسين: عمران جو اعلان

0
193
نواز شريف کي ملڪ نه چوري بچائڻ جو فڪر آهي، چونڊون نه ٿيون ته روڊن تي اينداسين: عمران جو اعلان
نواز شريف کي ملڪ نه چوري بچائڻ جو فڪر آهي، چونڊون نه ٿيون ته روڊن تي اينداسين: عمران جو اعلان

لاهور (م ڊ) تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته نوازشريف کي پاڪستان جو نه پر چوري جا پيسا بچائڻ جو فڪر آهي، 90 ڏينهن اندر چونڊون نه  ٿيون ته روڊن تي اينداسين

جنرل (ر) باجوه ڀارت جو ساٿ ڏيڻ لاءِ مون تي دٻاءُ وڌو، باجوه خلاف فوج اندر احتساب ٿيڻ گهرجي،لاهور ۾ صحافين سان ملاقات دوران ڳالهائيندي عمران خان چيو ته منهنجي غير موجودگي ۾ منهنجي گهر تي حملي جو ڪوبه جواز نه هو، گهر تي حملي بابت ڪيس تيار ڪري ورتو آهي، جلد ئي ان کي فائل ڪيو ويندو

هن چيو ته نگران حڪومت کي نيوٽرل ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي جيڪو هو ادا نه پيا ڪن، محسن نقوي، آءِ جي پنجاب ۽ سي سي پي او لاهور ڏوهاري ماڻهو آهن

PTI begins most anticipated 'long march'

عمران خان چيو ته عارف علوي هاڻ اسٽيبلشمينٽ ۽ اسان جي وچ ۾ ڪنهن به قسم جو ڪردار ادا نه پيو ڪري. شاهه محمود قريشي ۽ پرويز الاهي کي ٻين پارٽين سان رابطا بحال ڪرڻ جون ذميواريون ڏنيون ويون آهن. عمران خان وڌيڪ چيو ته 90 ڏينهن ۾ چونڊون نه ڪرايون ويون ته ملڪ ۾ آئين نالي ڪابه شيءَ نه رهندي

90 ڏينهن ۾ چونڊون نه ڪرايون ويون ته اسان روڊن تي هونداسين. هي ڪهڙي قانون تحت پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جون اسيمبليون بحال ڪندا. اڳوڻي آرمي چيف کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي عمران خان چيو ته جنرل باجوه هڪ ڏينهن هڪڙيون ڳالهيون ڪندو آهي ته ٻئي ڏينهن ان تان ڦري ويندو آهي، جنرل باجوه خلاف احتساب فوج اندر ٿيڻ گهرجي

Imran Khan speech at PTI Islamabad Jalsa

جنرل باجوه ڀارت سان دوستي چاهي ٿي ان لاءِ هن منهنجي مٿان پڻ دٻاءُ وڌو. پي ٽي آءِ چيئرمين وڌيڪ چيو ته ميڊيا تي اسان جو مڪمل بليڪ آئوٽ ڪيو ويو آهي، سوشل ميڊيا ٽيم کي به ڪنٽرول ڪرڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي

 تحريڪ انصاف جي چيئرمين ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪمران اليڪشن کان ڊڄي عدليا خلافوڃي رهيا آهن، هي اهي جج صاحب آهن، جن اسانجي خلاف به فيصلا ڏنا پر ڪڏهن تنقيد نه ڪئي

سپريم ڪورٽ آئين جو حفاظت ڪندڙ ادارو آهي. قوم کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته  اسان اليڪشن جو اعلان ڪيو ته سپريم ڪورٽ پاڻمرادو نوٽيس ورتو ۽ رات جو عدالت کُلي وئي، فيصلو اسانجي خلاف آيو، پر مون ڪڏهن به ڪنهن جج يا سندن گهرڀاتين تي تنقيد ناهي ڪئي. عمران خان چيو ته آئين ۾ واضح آهي ته اسيمبلي ٽٽڻ جي 90 ڏينهن اندر چونڊون ڪرائڻيون هوندون آهن اسان آئين جي ان شق کي ڏسي اليڪشن لاءِ پنجاب ۽ ڪي پي ڪي اسيمبليون قربان ڪيون

ايئن تاريخ ۾ ڪڏهن ناهي ٿيو پر هاڻ هي اليڪشن کان ڊڄي رهيا آهن، اليڪشن کان ڊڄي عدليا خلاف وڃي رهيا آهن، ڪو فيصلو هنن جي حق ۾ اچي ته درست نه ته سڀ غلط ٿي وڃن ٿا. هن چيو ته سپريم ڪورٽ آئين جي حفاظت ڪندڙ ادارو آهي، هي اهي جج صاحب آهن، جن اسانجي خلاف به فيصلا ڏنا آهن پر اسان تنقيد نه ڪئي، ٻي طرف هڪ ڀاڄوڪڙ لنڊن ۾ ويهي فيصلا ڪري رهيو آهي ته عدالت جو فيصلو قبول ڪرڻو آهي يا نه، نوازشريف جو مفاد پاڪستان نه پر چوري جا پيسا بچائڻ آهي

عمران خان چيو ته نوازشريف دور ۾ سپريم ڪورٽ تي حملو ۽ ڪوئيٽا بينچ خريد ڪيو ويو، نوازشريف کي سڃاڻان ٿو، هو پيسا ڏئي ماڻهن کي خريد ڪندو آهي، هي پنهنجا پيسا بچائڻ لاءِ ڪجهه به ڪري سگهن ٿا، اڳوڻي وزيراعظم چيو ته مونکي خطرو آهي ته هي آڪٽوبر ۾ به چوندون نه ڪرائيندا، چونڊن تائين ملڪ ۾ استحڪام نه ايندو

Zaman Park operation: AK-47s, bullets recovered from Imran Khan's house,  say police

حالتون اوهان جي سامهون آهن، اسان سڀني کي آئين ۽ قانون لاءِ روڊن تي نڪرڻ گهرجي، سڀني کي چوان ٿو ته حقيقي آزادي لاءِ هي جهاد آهي، روڊن تي نڪرڻ جي تياري ڪريو. عمران خان چيو ته جيڪي طاقت ۾ آهن، انهن ئي مون تي حملو ڪيو

هي ڏوهارين جي حڪومت آهي، جنهن تي ڪير به اعتماد نه ڪري رهيو آهي، مون تي 140 ڪيس ڪيا ويا آهن، اسانجا 3100 ماڻهو جيلن ۾ آهن، روز اسانجا ماڻهو کنڀيا پيا وڃن، جن 25 مئي تي اسان مٿان ظلم ڪيو هو، انهن کي اليڪشن ڪميشن اسان تي مڙهي ڇڏيو، حراست ۾ اسانجي ماڻهن کي ايئن رکيو ويندو آهي، ڄڻ دهشتگرد هجن

ڪارڪنن ٻڌايو ته پوليس اسان کي کنڀي ويندي آهي پوءِ نامعلوم ماڻهو اچي تشدد ڪندا آهن، هي نگران حڪومت جيڪو ڪجهه ڪري رهي آهي، اهڙو ڪنهن ماضي ۾ ناهي ڪيو، شهباز جي حڪومت ۾ به اهي ماڻهو آهن، جيڪي اسانجا ڪٽر مخالف آهن

اڳوڻي وزيراعظم چيو ته رڪاوٽن باوجود مينار پاڪستان جلسو ڪامياب ويو، ميڊيا تي هنن بليڪ آئوٽ ڪيو، سوشل ميڊيا تي جلسو ڏيکاريو ويو، هاڻ کي اسانجي سوشل ميڊيا ڪارڪنن کي کنڀي رهيا آهن، نواز ليگ کي جلسن ۾ پروٽوڪول ڏنو وڃي ٿو، اسانکي ريلين جي اجازت به نه ٿي ڏني وڃي، قوم لاءِ فيصلائتو مرحلو آهي، قوم کي آئين ۽ قانون سان گڏ بيهڻو پوندو، آئين جو ساٿ نه ڏنو ته ملڪ رهڻ جي قابل نه رهندو

هي به پڙهندا

عمران خان پارٽيءَ جي سينيئر اڳواڻن جو هنگامي اجلاس سڏائي ورتو