ڪياماڙي ۾ احتجاج: علي زيدي سميت ٻين پي ٽي آءِ اڳواڻن خلاف ڪيس داخل

0
229

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي ڊي سي آفيس ڪياماڙي ۾ ڀڃ ڊاهه جو پي ٽي آءِ اڳواڻن سميت 200 ڄڻن خلاف ڪيس داخل، ڊي سي ڪياماڙي جي مدعيت ۾ سائيٽ ٿاڻي تي داخل ڪرايل ايف آءِ آر ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ علي زيدي، بلال غفار، عطاءُ الله، سعيد آفريدي، داوا خان ۽ ٻيا به نامزد ڪيا ويا آهن

ايف آءِ آر ۾ چيو ويو آهي ته  پي ٽي آءِ  اڳواڻن ۽ ڪارڪنن ڊي سي آفيس ۾ گهڙي ڀڃ ڊاهه ڪئي، گاڏين کي نقصان پهچايو، وڳوڙن ۽ فائرنگ ۾ 3 شهري  زخمي ٿي پيا هئا

بلديا واري علائقي ۾

علي زيدي الزام رد ڪندي چيو آهي ته پيپلزپارٽي جا غنڊا ڊي آر او آفيس اُماڻيا ويا، سنڌ پوليس جي سربراهي ۾ رٿابندي تحت حملو ڪيو ويو، ڊي سي ڪياماڙي به ڌر بڻيل آهي

جڏهن ته ڪراچي جي بلديا واري علائقي ۾ ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ دوران عورت رٽرننگ آفيسر تي حملي جو 14 ڄڻن  خلاف ڪيس داخل، بلديا ڊي آر او ايسٽ ۾ ووٽن جي ڳڻپ دوران رٽرننگ آفيسر جي گاڏيءَ تي حملو ڪيو ويو، رٽرننگ آفيسر محفوظ رهي

رٽرننگ آفيسر شبانه پروين جو چوڻ آهي ته جماعت اسلامي جي ڪارڪنن منهنجي مٿان حملو ڪيو، وفاقي اردو يونيورسٽي مان نڪرڻ بعد گاڏي تي حملو ڪيو ويو، منهنجي گاڏي تي لٺيون  وسايون ويون، ايس ايڇ او پهچي منهنجي حياتي بچائي

شبانه پروين جي فرياد تي عزيز ڀٽي ٿاڻي تي ڪيس داخل، جماعت اسلامي جي اڳواڻ قطب الدين، افضال ۽ڪامران سميت 14 ڄڻا نامزد ڪيا ويا آهن

هي به پڙهندا

جماعت اسلامي سان گڏ ويهي ڪراچي لاءِ سٺو سيٽ اپ آڻڻ لاءِ تيار آهيون: سعيد غني