وزيراعظم بجلي ۽ گئس مهانگي ڪرڻ ۽ مني بجيٽ آڻڻ جي اصولي منظوري ڏئي ڇڏي

0
272

وزيراعظم بجلي ۽ گئس

اسلام آباد: عوام مهانگائي جي نئين طوفان کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار ٿي وڃي، وزيراعظم شهباز شريف بجلي ۽ گئس مهانگي ڪرڻ ۽ مني بجيٽ آڻڻ جي اصولي منظوري ڏئي ڇڏي آهي

ان سلسلي ۾ ذريعن موجب وزيراعظم جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ آءِ ايم ايف سان ڳالهين ۾ ڊيڊلاڪ ختم ڪرڻ لاءِ سخت فيصلن تي عملدرآمد جي منظوري ڏني وئي آهي

PM Shahbaz to address nation after successful talks with IMF: sources

 وزيراعظم واڌو ٽيڪس لڳائي ڏيڍ سئو کان 2 سئو ارب روپيا گڏ ڪرڻ، بجلي ۽ گئس جا اگهه وڌائڻ ۽ ٻين سخت فيصلن جي اصولي منظوري ڏني، ذريعن موجب حڪومت کي هلندڙ مالي سال لاءِ بجلي جا اگهه وڌائڻا پوندا

ذريعن موجب حڪومت پهرين مرحلي ۾ بجليءَ جي ٽيرف ۾ ساڍا 4 روپيا في يونٽ ۽ ٻئي مرحلي ۾ 4 روپيا في يونٽ جو اضافو ڪندي، سرڪار مشروبات ۽ سگريٽن تي فيڊرل ايڪسائيرز ڊيوٽي وڌائڻ ۽ پيٽروليم شين تي جي ايس ٽي وڌائڻ تي غور به ڪري ڪري رهي آهي

هي به پڙهندا

نئين آرمي چيف سان ڪا به رليشن شپ نه آهي: عمران خان