شرلين چوپڙا ڪيس ۾ ڀارتي پوليس راکي ساونت کي گرفتار ڪري ورتو

0
364

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) مشهور ڀارتي ڊانسر ۽ ماڊل راکي ساونت کي ڀارتي پوليس گرفتار ڪري ورتو

ڀارتي ميڊيا موجب راکي ساونت کي ڀارتي اداڪارا شرلين چوپڙا جي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي، راکي اڄ شام پنهنجي مڙس عادل خان سان گڏ ڊانس اڪيڊمي شروع ڪرڻ لاءِ وڃي رهي هئي، پر امبولي پوليس کيس اڄ صبح گرفتار ڪيو

ٽوئيٽر تي شرلين چوپڙا طرفان به ڪيل ٽوئيٽ ۾ چيو ويو آهي ته راکي کي داخل ايف آءِ آر تي گرفتار ڪيو ويو آهي

Rakhi Sawant arrested; Sherlyn Chopra shares breaking news | Celebrities News – India TV

ياد رهي ته راکي ساونت خلاف شرلين چوپڙا طرفان عزت کي ڇيهو رسائڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو هو

شرلين چوپڙا گذريل سال آڪٽوبر ۾ جوهو پوليس اسٽيشن ۾ ساجد خان خلاف بيان رڪارڊ ڪرائڻ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي سلمان خان تي فلمساز ساجد خان کي تحفظ ڏيڻ جو الزام لڳايو هو، جنهن تي راکي ساونت ساجد جو دفاع ڪندي شرلين چوپڙا کي گهٽ وڌ ڳالهايو هو

هي به پڙهندا

راکي ساونت کي مڙس رتيش کان ڌار ٿيڻ بعد بواءِ فرينڊ ملي ويو