جماعت اسلامي سان گڏ ويهي ڪراچي لاءِ سٺو سيٽ اپ آڻڻ لاءِ تيار آهيون: سعيد غني

0
248
جماعت اسلامي سان گڏ ويهي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته جماعت اسلامي کي ٽي وي تي ويهي ڳالهيون ڪرڻ سان ميئر نه ملندو، ميئر جي مقرريءَ لاءِ گڏجي ويهي ڳالهيون ڪرڻيون پونديون

صوبائي وزير سعيد غني ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته جماعت اسلامي کي ٽي وي تي ويهي ڳالهيون ڪرڻ سان ميئر نه ملندو، جماعت اسلامي سان گڏ ويهي ڪراچي لاءِ سٺو سيٽ اپ آڻڻ لاءِ تيار آهيون

سعيد غني جو چوڻ هو ته حافظ نعيم الرحمان ڪمشنر ڪراچي کي ڌمڪيون ڏنيون، سرڪاري آفيسرز کي ڌمڪائڻ ۽ يرغمال بڻائڻ سان صورتحال خراب ٿيندي، اسان جي ترجيح جماعت اسلامي سان ڳالهيون ڪرڻ آهي

هن چيو ته جماعت اسلامي کي به پنهنجو مائينڊ سيٽ ٺاهڻو پوندو، جماعت اسلامي جن تڪن تي ٻيهر ڳڻپ ڪرائڻ جي درخواست ڏني آهي انهن تي پيپلزپارٽي ڪا به مداخلت نه پئي ڪري، مداخلت ڪرڻي هجي ها ته درخواستون ئي رد ڪرائي ڇڏيون ها

Federal Minister for IT and Telecom Dr. Khalid Maqbool Siddiqui visits VU

ٻئي پاسي ايم ڪيو ايم جي ڪنوينر خالد مقبول به ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته اسان جعلي تڪبندين واري اليڪشن جو بائيڪاٽ ڪيو،  هاڻِي روڊن تان به ڪراچي کي هلائي ڏيکارينداسين

ايم ڪيو ايم جي ڪنوينر خالد مقبول ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس دوران وڌيڪ چيو ته مڪاني چونڊن ۾ شڪست جمهوري نظام جي ٿي آهي، حڪمرانن جي لاڏلي ڪلب کٽي وئي آهي، وقت ثابت ڪندو ته جنهن ايوان ۾ اسين نه آهيون، ان جي ڪابه  حيثيت ناهي

هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته عمران خان جيڪو ڪجهه چئي رهيو آهي اسان چئون ته ڳوليا نه لڀنداسين، اسان کي قائد اعظم جو پاڪستان کپي، پر ڀٽو جي پاڪستان ۾ رهڻ تي مجبور آهيون

هي به پڙهندا

ميهڙ مان پوليس پاران کنڀيل پي ٽي آءِ اميدوار جي گرفتاري ظاهر