ڪترينا ڪيف شادي جي افواهن تي حيران، تاريخ ۽ هنڌ به سامهون اچي ويا

0
342

ممبئي (شوبز نيوز) ناليواري اداڪارا ڪترينا ڪيف شوبز ويب سائيٽ ”بوليووڊ لائف“ تي ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو آهي ته مان 2021 ۾ شادي نٿي ڪيان، مونکي ڪا به خبر ناهي منهنجي شادي جون خبرون ڪنهن ۽ ڇو ڦهلايون آهن.

ڪترينا ڪيف اهڙن افواهن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته مان گذريل 15 سالن کان اهو ئي سوال ڪري رهي آهيان ته منهنجي شادي جون ڪوڙيون خبرون ڪير ٿو ڦهلائي؟هن اهو واضح ڪيو ته مان ڊسمبر ۾ شادي نه ڪري رهي آهيان ۽ ميڊيا تي آيل خبرن ۾ ڪا به سچائي ناهي.

اداڪارا اهڙي خبرن تي حيراني جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ميڊيا کي ڪنهن چيو آهي ته مان شادي ڪري رهي آهيان؟ منهنجي شادي جي حوالي سان جيڪي به خبرون ڦهلايون ويون آهن اهي ڪوڙيون آهن. ٻئي پاسي ڀارتي ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته ڪترينا ۽ ڪوشل هلندڙ سال 7 کان 9 ڊسمبر تائين راجسٿان جي شهر مڌوپور ۾ شادي جي ٻنڌڻ ۾ ٻنڌجي ويندا.

رپورٽن ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته وڪي ۽ ڪترينا پنهنجي ويجهي دوستن ۽ مائٽن کي انٽرنيٽ ذريعي دعوت ڏني آهي، ڪترينا ۽ وڪي جي شادي جي تقريبن ۾ هيڊ، ميندي ۽ ڦيرن جهڙيون رسمون شامل هونديون.