اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ ٿيل قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس کانپوءِ جاري ڪيل پڌرنامي ۾ چيو ويو آهي ته رياست آئين ۽ قانون جي دائري ۾ رهي ڳالهيون ڪندي، ڪنهن جا به غير آئيني يا ناجائز مطالبا نه مڃيا ويندا

قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس ۾ سياسي ۽ عسڪري قيادت پاران ٽي ايل پي جي احتجاج سبب پيدا ٿيل صورتحال تي ڳڻتي ظاهر ڪئي وئي، اجلاس ۾  وفاقي وزير، قومي سلامتي بابت صلاحڪار معيد يوسف، چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي، ٽنهي هٿياربند فوجن جا سربراهه، ڊي جي آءِ ايس آءِ، انٽيليجنس بيورو، ايف آءِ اي ۽ ٻين ادارن جون اعليٰ اختياريون به شريڪ ٿيون

پڌرنامي موجب قومي سلامتي ڪميٽي کي ملڪ جي گهرو صورتحال ۽ تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي احتجاج بابت بريفنگ ڏني وئي. پڌرنامي موجب اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته ڪنهن به گروپ يا ڌر کي امن امان جي صورتحال خراب ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، ڪنهن به گروپ يا ڌر کي حڪومت تي دٻاءُ وجهڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. وزيراعظم عمران خان چيو ته حڪومت قانون لاڳو ڪندڙ اهلڪارن جي هر قسم جي مدد ۽ پٺڀرائي جاري رکندي. قانون لاڳو ڪندڙ اهلڪار عوام جو تحفظ ڪري رهيا آهن

وزيراعظم اجلاس ۾ وڌيڪ چيو ته عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ ۽ رياست جي حڪمراني قائم رکڻ لاءِ سمورا قدم يقيني بڻايا وڃن. پڌرنامي موجب ٽي ايل پي جي احتجاج دوران عوام جي جان ۽ ملڪيتن کي نقصان پهچائڻ تي ڳڻتي ظاهر ڪئي وئي ۽ چيو ويو ته قانون جي عملداري ۾ رنڊڪ وجهڻ جي وڌيڪ ڪا به رعايت نه ڏني ويندي. قومي سلامتي ڪميٽي پوليس جي پيشيوراڻي ڪارڪردگي ۽ صبر ۽ برداشت کي ڀيٽا پڻ پيش ڪئي

پڌرنامي موجب مظاهرين سان چڪرين ۾ پوليس جا 4 اهلڪار شهيد ۽ 400 کان وڌيڪ زخمي ٿيا. ڪميٽي ان عزم جو اظهار ڪيو ته صبر ۽ سهپ کي ڪمزوري هرگز نه سمجهيو وڃي. پوليس کي جان ۽ مال جي تحفظ لاءِ دفاع جو حق حاصل آهي. رياست پرامن احتجاج واري حق کي تسليم ڪري ٿي، پر بندش پيل ٽي ايل پي ڄاڻي واڻي سرڪاري ۽ نجي ملڪيتن کي نقصان پهچايو. ٽي ايل پي پوليس تي تشدد ڪيو، اهو رويو قبول ڪرڻ جوڳو نه آهي

قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته رياست آئين ۽ قانون جي دائري ۾ رهي ڳالهيون ڪندي، رياست ڪنهن به قسم جي غيرآئيني ۽ بي جواز مطالبن کي تسليم نه ڪندي. ٽي ايل پي کي قانون جي ڀڃڪڙين تي وڌيڪ ڪا به رعايت نه ڏني ويندي.

قومي سلامتي ڪميٽي ٽي ايل پي پاران ناموس رسالت جي غلط ۽ گمراهه ڪندڙ استعمال جي شديد مذمت ڪئي ۽ چيو ته ناموس رسالت معاملي جي غلط استعمال سان فرقيواريت کي هٿي ملي ٿي ۽ ملڪ دشمن ڌريون فائدو حاصل ڪن ٿيون.  اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته رياست جي خودمختياري کي ڪنهن به اندروني يا ٻاهرين خطرن کان محفوظ رکيو ويندو