دوبئي: ٽي ٽوينٽي ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ ٿيندڙ اهم دنگل ۾ افغانستان ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو. افغان ٽيم جي ڪپتان محمد نبي ٽاس کٽڻ بعد پاڪستاني ڪپتان بابر اعظم کي بيٽنگ ڪرڻ جي دعوت ڏني

ياد رهي ته پاڪستان گروپ 2 ۾ پهرين ڀارت ۽ پوءِ نيوزيلينڊ کي شڪست ڏئي چڪو آهي. انهن ٻنهي ميچز ۾ پاڪستان ٽاس کٽي هئي، جڏهن ته افغانستان خلاف ٽئين دنگل ۾ پاڪستان ٽاس هارائي ويو آهي. گذريل ٻنهي ميچز ۾ پاڪستان ٽاس کٽي پهرين فيلڊنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو. ماهرن جو چوڻ آهي ته متحده عرب امارات ۾ ڊيو فيڪٽر جي ڪري ٽاس کٽڻ جي وڏي اهميت آهي