ڪاڇو تيزي سان اجڙي پيو

0
98
ڪاڇي ۾ گيسٽرو ۽ انتظامي لاپرواهي

   گذريل ٻن سالن کان وٺي نئين گاج جي طوفاني وهڪرن پوري ڪاڇي جي روڊن رستن کي ٽوڙي مروڙي ڇڏيو ۽ ڪاڇي واسين کي مڪمل طور تي وڏي مشڪل ۾ وجهي ڇڏيو آهي. هر ايندڙ ڏينهن ايئن محسوس پيو ٿئي ته ڄڻ ڪاڇي واسي ڪنهن پٿر واري دور ۾ ٻيهر تيزي سان داخل ٿي رهيا آهن ۽ اها مشقت واري زندگي هاڻي ٿڪل ۽ وڏي وزنائتي ٿيندي پئي وڃي. مسلسل تڪليف ۽ روڊن رستن جي  تشويشناڪ صورتحال جي ڪري مستقبل جي معمارن جي تعليم ۽ انهن جي تعليمي قابليت کي وڏو ڇيهو رسي رهيو آهي ، ڇو ته انهن جا ذهن ننڍڙي عمر ۾ ڪنهن خوشبودار ٻوٽي جي رفتار سان ٽڙندا هئا اهي هاڻي هن ئي عمر ۾ ٽرڻ جي بجاءِ تيزي سان مرجهائي رهيا آهن ۽ انهي دٻاءَ جي ڪري نفسياتي خوف پڻ تيزي سان نوجوانن کي پنهنجي گرفت ۾ آڻي ڇڏيو آهي ۽ هر ڪنهن ماڻهو جي وات منجهان اهي صدائون بلند ٿي رهيون آهن ته اسان جي حياتي ۾ سک ۽ سهنج جا ڏينهن الائي ڪڏهن ايندا.  عام ماڻهو جيڪو مهانگائي جي ڀڙڪندڙ باھه ۾ سڙي رهيو آهي جنهن جي معيشت جو سبب صرف مزدوري هارپو مال چارڻ ڪاٺيون ڪرڻ آهي اهي هن محدود وسيلن مان ڪيئن پنهنجي املھه ماڻڪ زندگي کي سنواري ۽ سڌاري سگهندا جتي هو پيٽ ڀري 3 ويلن جي ماني به نه ٿا کائي سگهن. اهي هن عالم ۾ پنهنجي معصوم پتڪڙن جو ڪهڙي نموني بهتر علاج ڪرائي سگهندا ۽ بهتر معياري  تعليم ڏياري سگهندا.

عام ماڻهو کي ان جو اندازو ئي نه هو ۽ نه وري ڪو آهي به ته هي اسان جي زندگي ڪيئن پئي گذري ۽ اسان جي منزل  ڪهڙي طرف آهي بس ڀٽڪيل مسافر جيان پيا هلون، جتي رات ٿئي ٿي اتي ته ڇنل ٽٽل چپل سيراندي ڪري سمهي ٿا پون ۽ وري صبح ٿئي ٿي  ته ڄڻ اڻ ڏٺل منزل ڏانهن روانا ٿين ٿا. ان سموري لقاءَ ۾ اسان کي ڪو به اهڙو سونهون ۽ رهنما نه ملي سگهيو آهي جيڪو اصل ۾ اسان جي جائز حقن جي ترجماني ڪندي اسان کي پنهنجي جائز حقن جي حاصلات جي لاءِ اسان ۾ اتساھه پيدا ڪري ها. اسين سڀ جا سڀ ڪاڇي واسي بي زبان ڍورن وانگيان هڪ ٻئي جي پٺيان ايئن لڳي پيا سين جيئن ٻڪريون يا رڍون هڪ ڌڻ جي صورت ۾ هڪ ٻڪرار يا ريڍار جي اڳيان پيون هلنديون آهن، اهو هڪ ئي رکوالو انهن جانورن جي رکوالي لاءِ مقرر هوندو آهي پر پوءِ به انهن جانورن جو به قدر آهي جو انهن جو مالڪ ڪنهن ڏکئي وقت ۾ انهن جو چارو  انهن جي اڳيان اچي رکي ٿو يا ضرورت پوڻ تي انهن کي وڪرو ڪري پنهنجي ضرورت پوري ڪري ٿو.

ليڪن هتي قصو ئي ابتو آهي اسان جا مالڪ ضرورت پوڻ تي اسان کي وڪرو ڪن ٿا ۽ وري اسان وڪري جي لاءِ به تيار ٿي ٿا وڃون ليڪن اسان کي اهو چارو نه ٿو ملي جنهن مان اسان جي هي ڏکن ڀري زندگي سک ۽ سهنج واري ٿي پوي پوءِ نتيجو اهو ٿو نڪري ته اسين ان چاري کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ در در جون ٺوڪرون کائيندا ٿا وتون. سنڌي ۾ هي چوڻي ڪيڏي نه مشهور آهي ته “جيئڻ ڪاڻ جيڏيون مون وڏا وس ڪيا.” هتي ڪاڇي واسي روز ٿا جيئن ۽ روز ٿا مرن پر ڪنهن صاحب اقتدار کي ڪنهن ڪاڇي واسي تي ڪا ڪھل نه آئي ويتر ابتيون سبتيون پٽيون پڙهائڻ جي لاءِ بي وس عوام کي ڪوڙن واعدن ۽ ڏٽن تي الائي ڪيترا ورهيه هلائيندا. شايد هن طويل انتظار کي روڪ ٿئي من مسڪين ماڻهن جي ڪا واهر ٿئي ته جيئن ڪاڇو ۽ ڪاڇي واسي لڏ پلاڻ جي اذيت کان بچي پون.