نڪ وارا ماڻهو ۽ بي نڪا ماڻهو !

0
190
نڪ وارا ماڻهو ۽ بي نڪا ماڻهو !

  پيارا ٻارو! اڄ پاڻ سبق نمبر نائون پڙهنداسين. سبق جو عنوان آهي “ نڪ” جيڪي ماڻهو نڪ وارا آهن سي هي سبق ضرور پڙهندا باقي بي نڪن تي ميار ئي ڪانهي. هونئن به دنيا ۾ ٻن قسمن جا ماڻهو آهن. هڪ نڪ وارا يا بي نڪا. نڪ اسان جي ٻولي ۽ چوڻين ۾ به جام اهميت رکي ٿو. ڪو همراهه غلط ۽ ڪڌو ڪم ڪري آيو ته وڏڙا چوندا نڪ ئي ڪو نه اٿئي جو اهڙو ڪريل ڪم ڪري آيو آهين. يا چوندا ته اسان جو نڪ ئي وڍائي ڇڏيو آهي. ڪو دوست يا مائٽ ڏکئي وقت ڪم اچي مصيبت ٽاري ته چوندا فلاڻي ته اسان کي سون جو نڪ پارائي ڇڏيو آهي. حالانڪه دنيا ۾ سون ته پري ٿيو پتل جو نڪ به ڪو نه ٿئي.

پيارا نڪ جا به ڪيئي قسم، ويرائٽيون، فليور ۽ برانڊ ٿين ٿا. اچو ته انهن تي روشني وجهون مثال طور اِٽي جهڙو ننڍڙو نڪ، بدوڙي جهڙو ٿلهو نڪ، ڏڪر جهڙو ڊگهو نڪ، بنو نڪ، ناسراٽيو ۽ ڦونڊاريل نڪ، مڙيل ڏيڍو نڪ، چپترو نڪ، چنهبيارو نڪ، پڪوڙي جهڙو بيسرو نڪ، ٽوپيل نڪ ۽ اڻ ٽوپيل نڪ، نڪن جا ٻيا به کوڙ قسم آهن. جيڪي گودڙيي پير جو قسم مون کي ڪو نه ٿا اچن. توهان اهي مسٽر موبائيل واري مائي گوگلي تي ڏسي سگهو ٿا. انسان ۾ ٻيا به ڪيترائي عضوا ٿين ٿا پر نڪ ته نڪ آهي. انساني منهن تي ايئن ڪر کنيو بيٺو هوندو آهي جهڙو نانگ ڦڻ ڪڍيو بيٺو هجي. هر نڪ ۾ ٻه ناسون ٿينديون آهن جن مان انسان ساهه کڻندو ۽ ڪڍندو آهي. موالي حضرات انهن ناسن مان ٻيڙي، سگريٽ، سلفي، چلم ۽ چرس جا دونهان ڪڍي مزا وٺندا آهن ۽ نعرا هڻندا آهن. پوءِ کنگهي کنگهي جلد الله کي پيارا ٿي ويندا آهن. نڪ سنگهڻ جو واحد ۽ خاص عضوو آهي خوشبو سنگهڻ لاءِ ماڻهو پنهنجو نڪ وڃي گل تي رکندا آهن. باقي ڌپ هوائي سفر ڪري پاڻهي وڃي انهن جي نڪ تائين پڄندي آهي.

پوءِ انهن جي شڪل اهڙي بڇڙي ٿي ويندي آهي جهڙو قبض ٿي هجين. نڪ جي ٻنهي ناسن جي وچ ۾ هڪ عالمي ديوار هوندي آهي. ڪڏهن ڪڏهن اها ٽيڙي ٿي اڳيان هڪ ناس ۽ پويان ٻي ناس بند ڪندي آهي. اهو همراهه رات جو سهمڻ وقت وات مان ساهه کڻندو آهي. صبح جو سندسد وات سڪي اهڙو ٺڪر ٿي پوندو آهي جهڙو کيس وات اندر ڪنهن گهوڙن وارو کرپو هنيو هجي. ٻنهي ناسن ۾ هوا کي ڇاڻڻ لاءِ وري وارن جو فلٽر سسٽم هوندو آهي. ڪي همراهه ان فلٽر سسٽم کي تباهه ڪرڻ لاءِ اهي وار پاڻ پيا پٽيندا آهن ته ڪي وري حجامن کان پٽرائيندا آهن. چون ٿا ته بڪيرن جي هڪ ڪنگ سائيز ناسن واري ڏاڏي حجام کي ناسن جا وار پٽڻ جو چيو حجام نچڪڻو کڻي وڃي ناس وٽ پهتپ،ڏاڏي وڏو ساهه کنيو ته حجام ناسن مان ڇڪجي ميڄالي تائين پهتو. پوءِ پاڙي وارن حجام کي ٽنگ مان ڇڪي ٻاهر ڪڍيو.

ڪوڙ سچ جي خدا کي خبر باقي ٻروچ واري ڳالهه ته “ڪلمي نال مين به رڳا ٻڌا هي”. گهڻا مڙها وري نڪ ۾ سنهي تيلي وهجي هروڀرو خدا ڪارڻ اهڙي زور سان نڇ ڏيندا آهن جو اصل هانءُ پيا ڦاڙيندا آهن. گهڻي گرمي جي ڪري نڪ مان رت به وهندو آهي جنهن کي غريب ماڻهو ناڪيلي ۽ وڏا ماڻهو نڪ سير به چوندا آهن. باڪسر وري مخالف جو رت ڪڍڻ لاءِ نڪ تي ٺونشا هڻي کيس ڪيرائي وجهندا آهن. جوان ڇوڪرين جي شادي ٿيڻ واري هوندي آهي ته اهي نڪ ٽوپائينديون آهن. ڪا مڙهي سئي سان نڪ ٽوپي ان ۾ ڌاڳو يا نم جي سنهي ڪاٺي ٺوڪيندي آهي. پوءِ نڪ پچي وڏا گند ڪندو آهي.

ڇٽڻ کانپوءِ غريب مايون ڪوڙا زيور ۽ امير مايون سونا زيور پائينديون آهن. مثال طور هيرو، ڦلي، بولو ۽ نٿ وغيره. ڪنوار به خيرن جي نٿ پائي لئي ڪري لانون لاءِ سيج تي پلٿي هڻي ويهندي آهي.دهري لاءِ وري مايون سهرو ڳائي چونديون آهن دهري لاڏل جي مان لاڙون گهريان ان ڪري جو اتر ۾ رڳو قبيلائي جهڙا، ٻيلن ۾ ڌاڙيل، دهري گس مان ئي ڦري وڃن ها. انسان ۾ رڳو مايون ۽ ڪي ڪي ٽرڙا کدڙا فقير نڪ ٽوپائيندا آهن. جڏهن ته جانورن ۾ وري اٺ نر توڙي ماديون يعني ڏاچيون ٻنهي جا نڪ ٽوپي ان ۾ ناڪيلي وجهي مهار ٻڌي کين قابو ڪيو ويندو آهي. تڏهن ته ڪنهن شاعر چيو آهي ته “ڏاچي واليان موڙ مهار وي!” اسين سنڌي ماڻهو دنيا جي واحد چرياڻ قوم آهيون جنهن ۾ ڪي منفرد ڳالهيون آهن. هڪ ته ميرن جي صاحبي ۾ هڪ ئي وقت چار بادشاهه تخت تي ويهندا هئا ٻيو ته سنڌ ملڪ ۽ سنڌي ماڻهن جي سرڪاري ٻولي فارسي هئي ٽيون ته اسان جو ٻار روئڻ وقت گهوڙا ڙي گهوڙا چوندو آهي. چوٿون اسان جي ٻار جي ڄمڻ سان ئي سندس نازڪ عضون جي مرمت ڪئي ويندي آهي.

سندس مٿي هيٺان مٽي جي چلهه رکي سندس مٿي کي ڪمي وانگر پکيڙيو ويندو آهي. ميڄالو وهي لوڻن ۾ هليو وڃي. وڏو ٿئي ته عقل کان خالي.رنگيلي وانگر ٺلهي يخي پيو هڻندو ته “ مين منجي ڪٿي ڍاوان، مين ڪهڙي پاسي جاوان؟” نراڙ ايئن ٺپينديون جهڙو ڪنڀار پيو مٽ دلا ٺپي. مٿئين چپ تي ٻئي آڱوٺا  رکي زور ڏينديون ته ٻار وڏي هوندي ڏندرو نه ٿئي نتيجي ۾ ٻار ڏندرو ته ڪو نه ٿئي ماڳهين چٻ ٿيو پوي. پوءِ دستي ۾ ويڙهي مٿان ٿلهو ڪپڙي جو ڌاڳو ٻڌي پيٽ تي چتوڻ رکي اهڙو ڇڪي ٻڌنديون جهڙو ٻار ڀڳو پيو وڃي.وڏو ٿئي ته ٽنگون ايئن گڏجيو وڃن ڄڻ ٻه پينسلون گڏ رکيون هجن.

پوءِ فوجي ٽيسٽنن ۾ فيل ٿيو وڃن، وري سرمي جون ڏويون ٻنهي ڪچڙين اکين ۾ وجهن، نراڙ کاڏي ۽ ڳلن تي سرمي جا ٽڪا ٺاهي سهڻي منهن جو ڪارو منهن ڪريو ڇڏين. وڏي هوندي ان کي اکين ۾ موتيا ۽ ڪارا پاڻي ٿيو وڃن پوءِ پيو اکين جي مفت ڪئمپن ۾ ڌڪا کائي. تڏهن ته شاهه لطيف سرمي جي خلاف چيو آهي ته “سرمون سياهي جو رنن کي رهاءِ، ڪاني ڪارائي جي مڙس ٿي ۾ پاءِ ،اکين ۾ اٽڪاءِ لالا ئي لالڻ جي.”  هاڻي اچون ٿا نڪ جي مرمت تي. ٻار جون وڏيون ڀيڻون ماسيون چاچيون پڦيون مائرون نانيون ۽ ڏاڏيون واري وٽي سان ٻار جي نڪ جي مرمت ڪرڻ لاءِ ونگار وهنديون آهن. ڳوهيل اٽي ۾ مکڻ ملائي ريگمال ڪري اچي نڪ کي وٺنديون آهن. اول نڪ کي چپي پاپڙ ڪري ۽ نڪ کي ڇڪي چتون جي چهنب ڪري ٻار کي ڪاٺ ڪٺو ڪري هٿ ڪڍنديون آهن. مونکي جڏهن طوطن ڄائو هو ته مون واري نڀاڳي سس ماسي ناٿي نانگڻ سندس نڪ تي قبضو ڪري کيس آڍي مکي چپي ڇڪي صفا چتون جي چهنب ڪري ڇڏيو. آئون اهڙي نڪ کي ڏسي حيران ٿي ويس دل ۾ چيم هل ڙي منهنجو انسان جو ٻچو طوطي جي ٻچو ٿي پيو آهي.

مون سندس نالو طوطن رکيو ۽ سندس ماءُ کي طوطن ماءُ سڏيم ان وري مون کي طوطن پيءُ سڏيو، پوءِ اسين ٻئي انهن نالن سان مشهور ٿي وياسين جو اسان جي اصلي نالن کتبي ۽ کمون جي ماڻهن کي خبر ئي ڪانهي. ڪرڪيٽ راند ۾ وري اسان جي سنڌي قوم جو نڪ شاهنواز ڏاهاڻي آهي جيڪو پهريون ماڻهو آهي جيڪو انٽرنيشنل راند تائين پهتو آهي. سندس نڪ به ڪنگ سائيز آهي نڪ جي ڪري پري کان سڃاتو ويندو آهي پر نڪ ۾ ننڍي هوندي کان پٿري ڦاٿل هئس جيڪا هاڻي ڪڍائي اٿس ته سائين مراد علي شاهه کيس اجرڪ ۽ ٽوپي تحفي ۾ ڏني آهي. مون کيس نڪ جي انٽرنيشنل مقابلي ۾ شامل ٿيڻ جي صلاح ڏني هئي. چيائين ادا مون کان به وڌيڪ ڊگهن نڪن وارا ماڻهو دنيا ۾ موجود آهن. گنيز بڪ ۾ نڪ جي 8.79 انچ ڊگهو واري ترڪي جي همراهه مهمت زيوريڪ جي فرسٽ پوزِيشن آهي.

مون نڪ تي وڌيڪ تحقيق ڪئي خبر پئي ته دنيا ۾ غريب ماڻهن ۾ تمام ٿورا ماڻهو بي نڪا ٿين ٿا جيڪي وڏن ماڻهن جي خوشامد، جي حضوري ، چمچاگيري ۽ دوسرا ڪم ڪندا آهن. باقي وڏا ماڻهو حڪمران، امير، وزير، سردار، ڪامورا، ڀوتار ۽ وڏيرا 99 سيڪڙو بي نڪا آهن. حڪمرانن کي نڪ هجي ها ته مري جي رستي تي 22 معصوم سياح سيءُ ۾ تڙپي تڙپي راهه رباني نه وٺن ها. اهي ڀٽارا وري وڏي بي حيائي سان ٺونٺ جيڏو نڪ کڻي چون ٿا ته اهو اتفاقي ۽ موسمي حادثو آهي سياحن جي ئي غلطي آهي ته ايتري تعداد ۾ ڇو نڪتا؟ اهڙا بيان ڏيندي کين شرم ئي ڪو نه پيو اچي. آئون ڏکارو ٿي گهر پهتس. ٽي وي کوليم ٽائيم نيوز چئنل تان انهن سياحن ۽ سندن معصوم ٻچڙن جا لاش ڏسي ڏُسڪڻ لڳس دل ۾ چيم ڪاش اسان جي حڪمرانن کي ڪو سنئون سڌو نڪ هجي ها. مون کي شاهه سائين جو هي بيت ياد اچي ويو.

سنهي لڪ، نڪ سنئين، ڪجل ڀنن نيڻ

سامونڊي مون سيڻ، ڪي تو ڪالهه لنگهايا (شاهه)