هاسٽل جون راتيون ۽ڪئمپس جا ڏينهڙا

0
356
مادري ٻولين جي اھميت ۽ سنڌي ٻولي جو مستقبل

  گذريل ڏينهن سنڌ جي خوبصورت شھر ڄامشوري ۾ وڃڻ ٿيو ڄامشوري جي پٿريلي ڌرتي تي ھلندي ذھن جي ڪئنواس تي ماضي جون يادگيريون تري آھيون. ڄامشورو سنڌ جو ھڪ اھڙو خوبصورت شھر آھي، جتي سنڌ جو شعور پلجي ٿو ڄامشوري جي حُسناڪي کي ڀلا ڪھڙو نانءُ ڏجي، ھن شھر تي ڇا لکجي ڇا نه لکجي، حليم باغي سنڌ جو اھو رومانوي شاعر آھي، جنھن ڄامشوري جي حُسناڪي کي پنھنجي شاعري ۾ سموئي ڄامشوري جي خوبصورت منظرن جي عڪاسي ڪئي آهي. ڄامشوري جي خوبصورت منظرن حليم باغي کي اھو شعر لکڻ تي مجبور ڪيو ته؛

اسان جيئن به جيئي ڀلا ڪو جھان ۾،

سدائين نشان تي، سدا امتحان ۾،

اسان لاءِ سھائي جو سر ڄامشورو،

ڀلين ڪو اڏي گھر، اڏي ڪھڪشان ۾،

   رومانس جي ھن شھر جون ڇڙواڳ ھوائون ڀلا ڪنھن کان ٿيون وسري سگھن، ڄامشورو سنڌ جو اھو شھر آھي جتي سڄي سنڌ کان ڪھي آيل نوجوان پنھنجي زندگي جون چار بھارون گھارين ٿا، ڄامشوري ۾ جيڪو به زندگي جون چار بھارون گھاري ٿو، اھو ھن شھر جي ھٺيلن ھوائن جو ديوانو بڻجي وڃي ٿو. سڄي سنڌ کان ڪيترائي نوجوان جڏھن پڙھڻ لاءِ ھن شھر ۾ اچن ٿا ته اھي نوجوان ڏينھن رات محنت ڪري پنھنجي خوبصورت خوابن کي ساڀيان ڪرڻ لاءِ جستجو ڪن ٿا.  ڄامشورو جي پٿريلي ڌرتي تي سنڌ ورسٽي، مھراڻ يونيورسٽي ۽ لمس يونيورسٽي جھڙا ادارا پڻ موجود آھن، سنڌ ورسٽي جي پٿريلي ڌرتي جي حوالي سان حليم باغي ھڪ ھنڌ اِهو پڻ چيو آھي ته؛

سنڌورسٽي مان جنھن جو گذر ٿيو وڃي،

ڄامشوري جو ڄڻ سو پٿر ٿيو وڃي.

حليم باغي ڄامشوري ۾ رھي ڪري ڄامشوري جي حسناڪي تي ڪيترائي نظم گيت پڻ لکيا آھن. حليم باغي ڄامشوري جي حسن جو شاعر آھي. حليم باغي جي شاعري ۾ ڄامشورو مھڪي ٿو ۽ حليم جي ڄامشوري تي ڪيل شاعري ھن کي شھرت جي بلندين تائين پھچايو. ڄامشوري جي حوالي سان حليم باغي جو ھي خوبصورت نظم ڄامشوري ۾ پڙهندڙ هر نوجوان جي زبان تي هوندو آهي.  جيڪو ھن ريت آھي ته:

اڙي شھر جانان ڪي توکي سنڀارون،

ته شاعر جون گذريون ھتي پنج بھارون،

حليم باغي کان علاوه سنڌ جي ٻين شاعرن ۽ اديبن پڻ ڄامشوري جي حسناڪي تي خوبصورت نظم، گيت، مضمون، ۽ ناول لکي ڄامشوري جي حسن جي عڪاسي ڪئي آھي، سنڌي ادب ۾ نيچرل ۽ تخليقي سگهه رکندڙ ليکڪ طارق عالم ابڙي جو ناول “رھجي ويل منظر”، جنھن جي منظر نگاري ۽ ڪھاڻي سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري سان جُڙيل آهي.طارق عالم ابڙي جو لکيل هي ناول سنڌي ادب ۾ هڪ شاهڪار ناول جي حيثيت رکي ٿو. هن ناول ۾ ڄامشوري جي خوبصورت منظرن ۽ رومانوي انداز کي جهڙي ريت طارق عالم ابڙي خوبصورتي سان چِٽيو آهي، ايئن سنڌ جي ڪنهن ٻئي ناول نگار ڄامشوري جي منظرن کي محفوظ نه ڪيو آهي. سچ پڇو ته ڄامشوري جا خوبصورت منظر شاعرن ۽ ڄامشوري ۾ رھندڙ نوجوانن جي ڪمزوري ھوندا آھن.

ڄامشورو پيار ڪندڙ دلين جي ھڪ اھڙي جاءِ آھي، جتي  پھريون پيار پلجي وڏو ٿئي ٿو ۽ عشق جي اظھار ۾ الجھي پيل نوجوان ھتي پيار جو اظھار ڪن ٿا. زندگي جون چار يا پنج بھارون گھاريندڙ نوجوانن کي ڄامشوري جي يونيورسٽين جا ڪاريڊور  ڪلاس ۽ ڪئنٽين ڀلا ڪيئن ٿا وسري سگھن؟ ڄامشوري ۾ پڙھندڙ اھي نوجوان  ڪئنٽين ۽ ھوٽلن جي پاروٿي ماني جا ھيراڪ بڻجي شام جو جڏھن ڦاٽڪ تي وڃڻ لاءِ پٿريلي ڌرتي لتاڙين ٿا ته انھن جي مدھوش مستي ۾ محبتن جي ھڪ خوبصورت جھلڪ نظر ايندي آھي. بوائز ھاسٽلن کان سنبري جڏھن اھي پنھنجي ڊپارٽمينٽ جو رخ ڪندا آھن تڏھن انھن جي نيڻن ۾ زندگي جي مقصد حاصل ڪرڻ جو ھڪ اجرو احساس سمايل هوندو آهي .

 مون به پنھنجي زندگي جون چار بھارون ڄامشوري ۾ گذاريون آھن ڪيمسٽري ڊپارٽمينٽ ۾ جتي اسان کي بھترين ڪلاس فيلو مليا اتي اسان کي بھترين استاد پڻ مليا. پروفيسر اقبال ھاشمي پروفيسر عبيدالله عباسي پروفيسر يار محمد کھاوڙ پروفيسر عبدالغفار وسنداڻي پروفيسر رسول بخش بوزدار پروفيسر اسلم ميمڻ ۽ ٻين پروفيسرن ۽ استادن اسان جي رھنمائي ڪئي. انھن استادن جي بدولت اسان اڄ پنهنجي منزل تي پھتا آھيون. اڄ22 سال گذرڻ جي باوجود آئون پنهنجي ڪئمپس  ڊپارٽمينٽ ۽ڄامشوري کي وساري نه سگھيو آھيان. ڄامشوري ۾ گھاربل گھڙين جا لمحا منھنجي زندگي جو ھڪ حصو بڻجي چڪا آھن. ڄامشوري ۾ گھاريل ڪھڙن لمحن کي ياد ڪجي؟ ڊپارٽمينٽ جي انھن ڪاريڊورس کي ياد ڪجي يا ھاسٽل لائيف جي انهن موج مستين کي ياد ڪجي، ڪاريڊورس ۾ گونجندڙ انھن ٽھڪن کي ياد ڪجي يا ڪئنٽين جي پاروٿين مانين کي ياد ڪجي؟ موج مستي ۾ چار سالن جو عرصو ايئن گذري ويو. جو خبر ئي ڪا نه پئي.

جڏهن اسان ٺھي سنڀري پنھنجي ڪيمسٽري ڊپارٽمينٽ ويندا ھياسين  ته  ڪلاس اٽينڊ ڪرڻ بعد پنهنجن ساٿين سان گڏ لان ۾ ويھي ڊگھيون ڪچھريون ڪرڻ ۽ ڪينٽين تي ويھي سموساکائڻ روز جو معمول ھوندو ھو .منھنجي ڪمپني ۾ اڪثر عزيز مستوئي ۽ جئه بختاڻي ھوندا ھئا .ڪڏهن ڪڏهن جئديو سوٽھڙ اسان جي سٿ ۾ شامل ٿيندو ھيو . حسين بخش بھڻ لياقت زرداري  خادم جلالاڻي رضا ڇلگري  پنهنجي  سٿ جا اھي سمورا  دوست ھميشه  گڏ گڏ ھوندا ھئا.انھن جون ڪچھريون ٻڌڻ جھڙيون ھونديون ھيون. دليپ سوجاڻي اوڌاري سوپاري وٺڻ جو ھيراڪ ھوندو ھو.  (جيڪو ھن وقت مون سان گڏ مٺي ڪاليج ۾ پروفيسر آهي ) اعجاز نوناري اسان جي ڪلاس جو سي ـ آر ھوندو ھو ھاڻي خبر ناهي ته اڄڪلهه ڪٿي گم آهي؟

نيئر سولنگي اسان جو سرگرم دوست ھوندو ھو.بي ايس سي جي ٿرڊ ايئر  ۾ اسان نون آيل شاگردن جي مان ۾ سنڌيالاجي جي ھال ۾ ھڪ ويلڪم پارٽي جو پروگرام رکيو ھو. انھي جو نيئر سولنگي آرگنائيزر ھو ۽ انھي پروگرام جي ڪمپئرنگ مون ڪئي ھئي. اسان جي ڪيمسٽري ڊپارٽمينٽ ۾ ڏيون  ميگھواڙ عزيز مستوئي۽ دليپ سوجاڻي کي وڌيڪ تنگ ڪندا ھياسين.ڊپارٽمينٽ جي لائبريري ۾ اسان جي ڪلاس فيلو دوست ڪامريڊمبارڪ ڀٽي سان ٿيل جھڙو اڄ پڻ ياد آھي ۽جھيڙي دوران  معمولي ڳالھه تان مبارڪ ڀٽي لائبريري ۾ Silence پٽي مون ڏانهن اڇلائي ھئي پوءِ ذري گھٽ اھا پٽي   ڪجهه فاصلي تي الماري کي لڳي ھئي۽ الماري جا شيشا ٽٽي پيا ھئا   بعد ۾ جھيڙي جو نبيرو ھاسٽل تي ٿيو ھو. اعجاز نوناري جئديو  سوٽھڙ۽ٻين دوستن ھاسٽل تي اسان  ٻنھي جو ٺاھه ڪرايو ھو.هاسٽلن ۾ رهندي اسان نوجوان ھاسٽل جي ڇتين تي ويھي اياز، آڪاش، استاد ۽ حليم باغي جا جڏھن گيت جھونگاريندا ھئاسين، تڏھن ڄامشوري جا خاموش پٿر به انھن گيتن ۽ مدھوش مستين ۾ گونجي اٿندا ھئا. زولاجي ڊپارٽمينٽ  جو پروفيسر اياز قادري پڻ اسان جي انھن محفلن ڪچھرين جو راڻو ھوندو ھو .ڪڏهن ڪڏهن ھاسٽلن تي اسان جو دوست مرحوم صادق فقير پڻ اسان جو مھمان ٿي ايندو ھو ۽ پوءِ ساري رات راڳ رنگ جون محفلون ھونديون ھيون موج مستي ۽ شاعري جي سحر ۾ اسان دوست خوب لطف اندوز ٿيندا ھياسين.(جاري آهي)