ٽنڊوغلام حيدر ۽ ڪوٽڙي ۾ ٻن ڄڻن آپگهات ڪري ڇڏيو

0
166
ٽنڊوغلام حيدر ۽ ڪوٽڙي ۾ ٻن ڄڻن آپگهات ڪري ڇڏيو
ٽنڊوغلام حيدر ۽ ڪوٽڙي ۾ ٻن ڄڻن آپگهات ڪري ڇڏيو

ڪوٽڙي/ ٽنڊوغلام(نمائيندا)  ٽنڊوغلام حيدر ٿاڻي جي حد ڳوٺ  موريو خان لغاري ڀرسان مرغي فارم تي ڪم ڪندڙ 20 ورهين جو نوجوان گلشاد ولد لاکو  ملاح مبينا آپگهات ڪري ڇڏيو

نوجوان ڳوٺ سومار ملاح تعلقه ٽنڊوباگو جو رهواسي ٻڌايو پيو وڃي جيڪو مرغي فارم اندر بانس جي لڪڙي  ۾ رسو ٻڌي خودڪشي ڪئي آهي،  ان سان گڏ ساڳي فارم تي سندس پي ۽ چاچو به گڏ مزدوري ڪندا آھن

اطلاع تي پوليس پهچي لاش ضروري ڪارروائي  لاءِ سول اسپتال ھيڊ ڪواٽر ٽنڊو محمد منتقل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته خودڪشي جا ڪارڻ معلوم ناهن ٿي سگهيا

ٻئي طرف ڪوٽڙي جي خدا جي بستي واري علائقي غريب آباد ڪالوني  ۾ غربت کان تنگ ٿي 4 ٻارن جي پورهيت خودڪشي ڪري ڇڏي

40 ورھين جي پورهيت محمد اسلم گھر اندر پکي ۾ پاڻ کي ٽنگي  زندگي جو انت آڻي ڇڏيو، چئن ٻارن جو پورهيت محمد اسلم ٻارن جو پيٽ پالڻ لاءِ سخت  پريشان هو،  اطلاع تي پوليس پھچي لاش کي تحويل ۾ وٺي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو