کپرو: کپرو لڳ 14 ورهين جي نينگر صاحب علي بوزدار سان اجتماعي ڏاڍائي جو انڪشاف سامهون آيو آهي. متاثر نينگر جو والد دلدار، نينگر سميت کپرو ٿاڻي تي پهتو. کپرو پوليس ليٽر ڏئي کيس طبي معائنو ڪرائڻ لاءِ تعلقه اسپتال کپرو موڪليو. متاثر نينگر جو چوڻ هو ته ٻڪريون چاري رهيو هوس ته ٽن ڄڻن الھه بخش ،عاشق ۽ محراب بوزدار اغوا ڪري جهنگ ۾ بدفعلي ڪئي.